اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ڪڻڪ جي ٻوري جو اگهه 23 سئو رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو

ڪراچي(اين اين آءِ) مقامي اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي 100 ڪلو واري ٻوري  جي قيمت هلندڙ سيزن جي رڪارڊ سطح 23 سئو رپين تائين ٿي وئي آهي، ڪڻڪ جي قيمت ۾ اضافي سبب فلور ملز مالڪن اڍائي نمبر چڪي جي اٽي جي 80 ڪلو گرام جي ٻوري جي قيمت ۾ 100 رپيا ۽ فائن اٽي جي قيمت ۾ 50 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ فلور ملز مالڪن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ رسائي ۾ کوٽ سبب قيمت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪڻڪ جي کوٽ سبب ڪراچي جي فلور ملن ۾ 50 سيڪڙو پيداواري عمل متاثر ٿيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه هفتن کان ٻيهر ڪڻڪ جي کوٽ سامهون آئي آهي، جڏهن ته هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ سئو ڪلو گرام واري ٻوري جي قيمت 2250 رپين تائين هئي، جنهن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ گذريل ڏينهن ٻوري جي قيمت 2300 سئو رپيا ٿي وئي آهي.