اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي،انڊيڪس 10 هزار جي سطح کان وڌي 10172 پوائنٽن تي بند

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي ڪالهه تيزي رهي، 100 انڊيڪس 10 هزار پوائنٽس جي سطح کان وڌي 10172 پوائنٽس تي بند ٿي، ڪالهه موڊيزانويسٽر سروسز طرفان پاڪستان لاءِ ريٽنگ بي 2 برقرار رکڻ سبب مارڪيٽ ۾ مالياتي ادارا توڙي وڏا بروڪرز سرگرم ڏسڻ ۾آيا ۽ مجموعي طور 12 ڪروڙ 19 لک شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، 100 انڊيڪس ۾ 260 پوائنٽس اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 300 پوائنٽس اضافي سان 10200 پوائنٽس تي پهتي پر مارڪيٽ جي پڄاڻي تائين اها سطح برقرار رهي نه سگهي.