اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
قومي بچت وارين اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) قومي بچت وارين اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو ويوآهي، ان تي عمل پهرين آڪٽوبر کان ڪيو ويندو، ذريعن خانگي ٽي وي کي ٻڌايو ته اسپيشل سيونگ سرٽيفڪيشن تي منافعي جي شرح 11.25 کان وڌائي 13 سيڪڙو، جڏهن ته ريگيولر انڪم سرٽيفڪيشن تي 11.52 سيڪڙو کان وڌائي 13.3 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، پينشنر بينيفڪٽ اڪائونٽس ۽ بهبود سيونگ سرٽيفڪيشن تي منافعي جي شرح کي 13.56 سيڪڙو کان وڌائي 15 سيڪڙو ۽ ريگيولر سيونگ اڪائونٽ تي ساڍا 80 سيڪڙو کان وڌائي 9 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، قومي بجت وارن ان اسڪيمن تي منافعي ۾ اضافي واري نوٽيفڪيشن جي منظوري به ڏني وئي، جڏهن ته ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽشن تي منافعي جي شرح ۾ تبديلي غور هيٺ آهي.
|