اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
||||
|
زرعي شعبي کي جاري ٿيندڙ قرض 26.64 سيڪڙو وڌي ويا اسلام آباد (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن دوران زرعي شعبي کي جاري ٿيندڙ قرضن ۾ 26.64 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هڪ رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال دوران جولاءِ کان مارچ تائين مختلف بئنڪن 138 ارب 59 ڪروڙ 70 لک رپين جا قرض زرعي شعبي لاءِ جاري ڪيا آهن، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ان عرصي دوران ان مد ۾ 111 ارب 19 ڪروڙ50 لک رپين جا قرض جاري ڪيا هئا، ان عرصي دوران پنجاب پراونشنل ڪوآپريٽو بئنڪ لميٽيڊ طرفان جاري ڪيل قرضن ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ گذريل 9 مهينن دوران بئنڪ 3 ارب 93 ڪروڙ 50 لک رپين جا قرض جاري ڪيا، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ان عرصي دوران 5 ارب 27 ڪروڙ جا قرض جاري ڪيا ويا هئا. الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ، حبيب بئنڪ لميٽيڊ، مسلم ڪمرشل بئنڪ، نيشنل بئنڪ ۽ يونائيٽيڊ بئنڪ طرفان هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن دوران سراسري طور تي 65 ارب 12 ڪروڙ 50 لک رپين جا قرض جاري ڪيا ويا، گذريل مالي سال دوران هنن 48 ارب 96 ڪروڙ 20 لک رپين جا قرض جاري ڪيا هئا، ان کانسواءِ زرعي ترقياتي بئنڪ ان عرصي دوران 39 ارب 56 ڪروڙ 10 لک رپين جا قرض جاري ڪيا هئا.
|
||||
|
||||