|
عالمي مارڪيٽ ۾اگهه نه وڌيا ته
15ڏينهن دوران پيٽرول اگهه گهٽائبا:نويد قمر
لاهور
(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير سيد نويد قمر الزمان شاهه
چيو آهي ته جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه نه وڌيا ته ايندڙ
15 ڏينهن دوران پيٽرول جا اگهه گهٽايا ويندا، جڏهن ته ڊيزل جا
اگهه عالمي منڊي جي اگهن مطابق ۽ هاڻ گهٽ وڌ ٿيندا رهندا، هن
اهي ڳالهيون لاهور ۾ پاڪستان فيڊريشن آف چيمبر آف ڪامرس ايند
انڊسٽريز جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيون، تقريب کي فيڊريشن جي
اڳواڻن اظهر سعد بٽ، پنجاب جي ناڻي واري وزير تنوير اشرف قائره
۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، صنعتڪارن ۽ واپارين وٿ هولڊنگ ٽئڪس سميت
سمورا اڻ سڌا ٽئڪس ختم ڪرڻ، پيٽروليم ۽ بجلي جا اگهه گهٽائڻ،
بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ ڊيوٽي ختم ڪرڻ سميت
مختلف مطالبا ڪيا، ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت ملڪ انتهائي
شديد مالي بحران جو شڪار آهي، ان ڪري صنعتڪار ۽ واپاري حڪومت
سان تعاون ڪن، هن چيوته جيتوڻيڪ حڪومت چاهي ٿي ته سمورا اڻ سڌا
ٽئڪس ختم ڪري صرف انڪم ٽئڪس وصول ڪيو وڃي، پر اهو تڏهن ممڪن
ٿيندو جڏهن انڪم ٽئڪس وصول ڪندڙ ۽ ٽئڪس ڏيندڙ ٻئي ايمانداري
سان ٽئڪس وصول ڪن ۽ ادا ڪن، هن اڻ سڌا ٽئڪس ختم ڪرڻ وارو
مطالبو في الحال تسليم ڪرڻ کان انڪارڪيو ۽ چيو ته واپاري،
صنعتڪار ۽ عام شهري ملڪ جي معيشت کي نظر ۾ رکندي هن ڏکي حالت ۾
حڪومت سان چار قدم اڳتي هلن، جڏهن حڪومت فڪسڊ اسپيس ختم ڪندي
ته نه رڳو پنهنجي لاءِ پر عوام، واپارين ۽ صنعتڪارن لاءِ بهتري
ٿي سگهندي، هن چيوته ان ۾ سال نه مهينا لڳندا، مهيني ۾ ملڪي
معيشت بهتر ٿيندي، هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي ويو
آهي۽ سياسي استحڪام سان ملڪ اندرمعاشي استحڪام ممڪن هوندو،
جيتوڻيڪ بجلي جا اگهه وڌڻ هڪ مسئلو آهي پر ان کان وڏو مسئلو
بجلي مهيا ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته معيشت بجلي جي لوڊشيدنگ برداشت نه
ڪري سگهندي، هن چيوته 1996ع کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ بجلي گهر لڳايو
ويو، ان ڪري اسان پنهنجي گذريل حڪومت ۾ جن کان بجلي ورتي، انهن
وٽ وياسين، اقتصادي ڪائونسل جي پهرين اجلاس ۾ 1500 ميگا واٽ
بجلي جي پيدوار وڌائڻ جي منظوري ڏئي حڪومت بجلي پيدا ڪرڻ جي
سمورن وسيلن تي منصوبا بندي ڪري رهي آهي، حڪومت ٿرمل کانسواءِ
ڪوئلي، گئس، پاڻي ۽ هوا تي بجلي ٺاهڻ جا منصوبا شروع ڪرڻ تي
ڪم ڪري رهي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي غلفت نه ڪئي ويندي، هن
چيو ته ملڪ ۾ بجلي وانگر گئس جي به کوٽ
آهي، ڇاڪاڻ ته طلب مطابق گئس جي رسد وڌائڻ لاءِ گذريل ڪيترن
ئي سالن کان ڪم ناهي ڪيو ويو، پاڪستان مان انب آمريڪا کي
ايڪسپورٽ ڪيو ويندو، صحافين پاران اين ايف سي بابت ڪيل سوال
جي جواب ۾ نويد قمر ٻڌايو ته عيد کانپوءِ اين ايف سي جو اجلاس
ٿيندو، جنهن ۾ سمورا صوبا پنهنجون تجويزن ۾ پنهنجا موقف سامهون
آڻيندا ۽ انشا الله ايندڙ بجيٽ نئين اين ايف سي ايوارڊ مطابق
ايندو، |