|
آصف پ پ جو اميدوار آهي، اهو
اتحادين جو فيصلو ناهي:فضل الرحمان
اسلام
آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان
چيو آهي ته آصف زرداري کي اڃا سندس پارٽي صدر نامزد ڪيو آهي ۽
اهو اتحادين جو فيصلو ناهي، اتحادي به ان ڏس ۾ مشورا ڪندا،
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اتحادي پارٽين جي
گڏجاڻين بعد صدارتي اميدوار جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو، هن چيو
ته سومر ڏينهن ججز جي بحالي وارو ٺهراءُ اسيمبلي ۾ اچڻ گهرجي،
اسان ٻن پارٽين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، وڌيڪ انهن کي اڳتي وڌڻ
گهرجي. |