|
ممبئي ۾ دهشتگردي جو الزام
پاڪستان تي هڻڻ ناانصافي آهي:قائم علي شاهه
ميرپورخاص
(بيورو رپورٽ) ممبئي ۾ دهشتگردي جي جاچ بنا پاڪستان تي الزام
مڙهڻ ناانصافي آهي، دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي، اهڙو
اظهار وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ميرپورخاص ۾ شادي جي تقريب ۾صحافين
سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ماضي ۾ نااهل حڪمران ملڪ ۽ سنڌ
کي ڳنڀير مسئلن جي هنج ۾ ڇڏي ويا، جمهوري حڪومت عوام جا مسئلا
حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، سنڌ ۾ 50 هزار بيروزگارن کي جلد
ميرٽ تي نوڪريون ۽ 50 هزار نوجوانن کي شهيد بينظير ڀٽو يوٿ
پروگرام تحت روزگار مهيا ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ حڪومت
وفاق کان اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ جو حصو طلب ڪيو آهي، وڏي
وزير چيو ته صوبي ۾ طالباناڀئزيشن جو ڪو به وجود نه آهي پر ان
باوجود سيڪيورٽي کي سخت ڪيو ويو آهي، هڪ سوال تي وڏي وزير چيو
ته ميرپورخاص سميت ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۽ ضلعن ۾ به لينڊ مافيا
پاران قبضا ڪيا ويا آهن، جن کي خالي ڪرايو ويندو ۽ قبضن هيٺ
آيل 4 هزار ايڪڙ زمين تان قبضا خالي ڪرايا ويا آهن ۽ باقي
مختلف شهرن ۾ قبضن بابت سروي ڪرائي پئي وڃي، هن چيو ته بي زمين
هارين کي زمين سان گڏ مفت ٻج ۽ ڀاڻ به فراهم ڪيو ويندو.
|