|
آصف ايترو سادو ناهي جو صدر ٿيڻ
کان اڳ جج بحال ڪري:شيخ رشيد
اسلام
آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ عوامي جي سربراهه شيخ رشيد
احمد چيو آهي ته آصف زرداري ايترو سادو ناهي جو صدارت جو عهدو
سنڀالڻ کان اڳ سومر ڏينهن جج بحال ڪندو، صدر ٿيڻ بعد هن جج
بحال ڪيا ته (ن) ليگ کي ڇا ملندو؟ خانگي ٽي وي چينل سان
ڳالهائيندي هن چيو ته ايندڙ چونڊون آصف زرداري جي نگراني ۾
ٿينديون ۽ هو ٽيون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ تان پابندي نه
هٽائيندو، هن چيو ته زرداري (ن) ليگ تي گول ڪري ڇڏيو آهي، هن
آهستي کيڏندي آخري ۾تيز کيڏيو آهي، امين فهيم ايل بي ڊبليو ٿي
ويو ۽ هينئر پ پ ۾ زرداري اهم سياستدان آهن، هن چيو ته صدر
ٿيڻ کانپوءِ زرداري معيشت بهتر ڪئي ۽ بدامني تي ضابطو آندو ته
ٺيڪ هوندو نه ته سندس حال خراب ٿيندو، هن چيو ته زرداري کي 58
ٽو بي جي ضرورت نه پوندي، 17 هين ترميم ۾ ڪجهه تبديليون ڪندو
ان لاءِ مارچ 2009ع جو انتظار ڪرڻو پوندو.
|