|
خيبر ايجنسي ۾ آپريشن، باڙا تي
فورسز جو ڪنٽرول،8ڄڻا مارجي ويا،بيت الله محسود حڪومت سان
ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون
پشاور
(رپورٽ: غلام رسول ڪنڀر) قبائلي علائقي خيبر ايجنسي ۾ سيڪيورٽي
فورسز طرفان ويڙهاڪن خلاف آپريشن شروع، هڪ ويڙهاڪ مارجي ويو،
تنظيم جو هيڊ ڪوارٽر، ٺڪاڻا ۽ تنظيم جي سربراهه منگل باغ جو
گهر تباهه، تنظيم جو ايف ايم ريڊيو به بند، باڙا ۾ ڪرفيو لاڳو،
سيڪيورٽي فورسز باڙا جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، بيت الله محسود
طرفان حڪومت سان هلندڙ امن ڳالهيون معطل ڪرڻ جو اعلان، سوات ۾
ٻه ڄڻا ذبح، 7 مارجي ويا، خيبر ايجنسي ۾ ڪالهه صبح سوير فورسز
جا اٽالا پهچي ويا، انهن بڪتر بند گاڏين جي مدد سان علائقي ۾
آپريشن شروع ڪري ڏنو، فورسز طرفان خيبر ايجنسي جي تعلقي باڙا ۾
اڻڄاتل وقت تائين ڪرفيو لڳايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ رهواسي
گهرن تائين محدود ٿي ويا، فورسز شلوبه واري علائقي ۾ واقع لشڪر
اسلام جي هيڊڪوارٽر کي بمباري ڪري تباهه ڪري ڇڏيو، گڏو گڏ
سپاهه واري علائقي ۾ تنظيم جي اڳواڻ منگل باغ جو گهر به تباهه
ڪيو ويو، فورسز وڌيڪ ڪارروايون ڪري باڙا ۾ واقع لشڪر اسلام جي
آَفيس تباهه ڪئي ۽ ڪمانڊر مصري خان جو گهر ڊاهي ڇڏيو، آپريشن ۾
فرنٽيئر ڪانسٽيلبري فرنٽيئر ڪور پوليس ۽ خاصه دار فورس حصو
ورتو، فورسز طرفان باڙا، ملڪ دين خيل، مامارا ڪلمه خيل وارن
علائقن ۾ لشڪر اسلام خلاف ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران
فورسز جي فائرنگ ۾ گندائو واري علائقي ۾ لشڪر اسلام جو هڪ
ويڙهاڪ مارجي ويو، جڏهن ته تنظيم جي اهم ڪمانڊر شعيب خان
آفريدي سميت 3 ويڙهاڪ زخمي ٿي پيا، انتظاميا موجب باڙا، گندائو
۽ ڪوئيي واري علائقي ۾ لشڪر اسلام جي مورچن ۽ توپن کي گولن سان
نشانو بڻايو ويو، مرڪز ۽ مورچن تي موجود هٿياربند فرار ٿي ويا،
باڙا تعلقي ۾ وڌيڪ 5 هزار اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن
ته بڪتر بند گاڏيون، ٽينڪون ۽ توپخانه به علائقي ۾ پهچايا ويا
آهن. پشاور ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا به سيل ڪيا ويا. اهي اطلاع
به آهن ته لشڪر اسلام جا ويڙهاڪ باڙا وارو علائقو ڇڏي خيبر
ايجنسي واري تيراه واري علائقي جي جبلن ۾ فرار ٿي ويا آهن،
جڏهن ته لشڪر اسلام جي سربراهه منگل باغ اڻڄاتل هنڌ تي تنظيم
جي ويڙهاڪن جو هڪ اجلاس سڏائي ورتو آهي، هوڏانهن فورسز
علائقي جي شاڪس قلعي ۾ پنهنجو مرڪز قائم ڪيو آهي. آپريشن
دوران خيبر ايجنسي کي لڳندڙ پشاور جي سيٽلڊ ايرياز ۾ به وڏي
انگ ۾ فورسز جو ڪڙو چاڙهيو ويو، جنهن سبب پشاور جي پوش علائقي
حيات آباد مان لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي آهي، سرحد حڪومت پشاور جي
سمورين ننڍين وڏين اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪري ڇڏي آهي،
هوڏانهن ايف سي جي آءِ جي ميجر جنرل عالم خٽڪ پشاور ۾ صحافين
کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته فورسز طرفان سرحد حڪومت جي حڪم تي
ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، آپريشن ڪنهن خاص فرقي
يا گروپ خلاف ناهي، هن وڌيڪ چيوته حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ هي
آپريشن ٻين علائقن ۾ به ڪيو ويندو، خيبر ايجنسي ۾ آپريشن 5
ڏينهن تائين مڪمل ڪيو ويندو. مڪمل امن تائين وقت ۾ واڌارو به
ڪري سگهجي ٿو، آءِ جي وڌيڪ چيو ته آپريشن جو سلسلو ٻين طرفن
ڏانهن به ڪيو ويندو، پر ان جا تفصيل هن وقت ٻڌائي نٿا سگهجن.
ٻئي پاسي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل اطهر عباس هڪ پرڏيهي
خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو آهي ته فوج خيبر ايجنسي ۾
طالبان خلاف ڪارروائي لاءِ يف سي کي تيار ڪري رهي آهي ۽ هاڻي
ويڙهاڪن خلاف آپريشن شروع ٿيڻ جي ويجهو آهي، هن فوج جي مقرري
بابت تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته طالبان کان پشاور
کي ڪو به خطرو ناهي، جڏهن ته جمرود ۾ هٿيارن جي نمائش تي
پابندي لڳائي وئي آهي. هوڏانهن تحريڪ طالبان پاڪستان جي
سربراهه بيت الله محسود حڪومت مٿان واعدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ ڪيترن
ئي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جو الزام هڻندي حڪومت سان امن
ڳالهيون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي بيت
الله محسود الزام هنيو ته دره آدم خيل، عمر اڏا، جنڊولا جي هڪ
ڳوٺ ۽ ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن، جن جو ڪو
جواز ناهي، هن چيوته چونڊن کانپوءِ هاڻي حڪمران اتحاد به صدر
مشرف واري زبان استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيوته حڪومت
سان هلندڙ سموريون ڳالهيون معطل ڪيون ويون آهن پر اسين اڃا
ڪارروايون شروع ڪنداسين. جيڪڏهن حڪومتي ڪارروايون جاري رهيون
ته امن ٺاهه ختم ڪيو ويندو. ٻئي پاسي خانگي ٽي وي رپورٽ موجب
اڻڄاتل هنڌان منگل باغ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان اهڙو ڪو به قدم
کڻڻ نٿا چاهيون، جنهن جي نتيجي ۾ باڙا جو امن خراب ٿئي، اسان
مسيحي برادري جي اغوا بابت معذرت ڪري چڪا آهيون ته اهو اسان جي
غلط فهمي جو نتيجو هو ۽ پوليٽيڪل انتظاميا سان رابطو ڪري
آگاهه به ڪيو آهي، منگل باغ جو ايف ايم ريڊيو جنهن ذريعي پيغام
ڏيندو هو، بند ٿي چڪو آهي، منگل باغ باڙا مان تيراه منتقل ٿي
چڪو آهي. ٻئي پاسي سوات ۾ مختلف واقعن ۾ ٻن ڄڻن کي ذبح ڪيو ويو
۽مختلف ڪاررواين ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، سوات ۾ اختيارين موجب جمعي
۽ ڇنڇر جي وچ واري رات ڪبل ۾ ٽن مقامي ماڻهن کي گوليون هڻي قتل
ڪيو ويو، جڏهن ته مٽا ۾ هڪ ڄڻي جو ذبح ٿيل لاش مليو آهي، جنهن
جي سڃاڻپ ناهي ٿي، ٻئي پاسي سوات ۾ ڪرفيو جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هڪ
شخص سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، عنايت ڪلي وٽ هڪ
ذبح ٿيل لاش مليو آهي، جنهن وٽان مليل چٺي ۾ لکيل آهي ته سندس
نالو سيد عالم آهي ۽ افغاني آهي کيس جاسوسي جي الزام هيٺ قتل
ڪيو ويو آهي، هوڏانهن سوات جي تعلقي مٽا ۾ڪاليج چوڪ ويجهو
ويڙهاڪن 3 بم نصب هجڻ جي اطلاع تي بم ڊسپوزل عملي پهچي انهن
کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو.جڏهن ته رات دير سان سوات ۾ اڻڄاتل
هٿياربندن اڳوڻي ايم پي اي ۽ ق ليگ اڳواڻ تيمور خان جي گهر تي
حملو ڪيو ، جنهن ۾ سندس ڀاءُ بشير مارجي ويو۽ تيمور خان سميت3
ڄڻا زخمي ٿي پيا.
|