|
شڪست تسليم ڪريون ٿا،اميد ته
زرداري غيرسياسي صدر ثابت ٿيندو ۽ جسٽس افتخار کي بحال
ڪندو:نواز شريف
لاهور
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته صدارتي
چونڊ ۾ شڪست تسليم ڪريون ٿا، اميد آهي ته زرداري غير سياسي صدر
ثابت ٿيندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ اندر پائيدار
جمهوريت لاءِ پ پ سان مڪمل سهڪار جاري رهندو، آصف زرداري جو
چونڊجڻ آمر قوتن جي شڪست آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته هاڻ آصف
زرداري جسٽس چوڌري سميت سمورا هٽايل جج بحال ڪندو، ميان نواز
شريف صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابي تي آصف زرداري کي فون ڪري وڌايون
ڏنيون ۽ چيو ته آصف جو چونڊجڻ سٺو سنوڻ آهي، فون تي هڪٻئي سان
سهڪار تي زور ڏنو ويو. جڏهن ته آصف علي زرداري نواز شريف جو
ٿورو مڃيو ۽ کيس پنهنجي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت
ڏني.
|