|
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي طلب،سيڪيورٽي عملدار امن امان بابت ان ڪئميرا بريفنگ ڏيندا اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري اربع ڏينهن شام جو 5 وڳي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا سربراهه پارليامينٽرينز کي ملڪ جي موجوده امن امان صورتحال تي ان ڪئميرا بريفنگ ڏيندا، ذريعن موجب پارليامينٽرينز کي دهشتگردي خلاف جنگ ۽ قبائلي علائقن جي صورتحال بابت به آگاهه ڪيو ويندو، جنهن بعد گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي، صدر اهڙو اجلاس وزيراعظم جي ايڊوائيس تي گهرايو آهي، ان ڏس ۾ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي هدايت ڪئي آهي ته گڏيل اجلاس ۾ سڀني پارليامينٽرينز جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي، کين ملڪ جي موجوده مجموعي صورتحال بابت بند ڪمري ۾ بريفنگ ڏني ويندي، واضح رهي ته ملڪ جون سياسي پارٽيون قبائلي علائقن جي صورتحال بابت پارليامينٽ کي آگاهه ڪرڻ جا مطالبا ڪنديون رهيون آهن.
|