اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ کانسواءِ امن قائم نه ٿيندو:امير ڀنڀرو

ڪراچي (پ ر) سنڌ نيشنل پارٽي ڪراچي ڊويزن جو اجلاس اڄ پارٽي آفيس سنڌ مرڪز تي ٿي گذريو، اجلاس جي صدارت پارٽي چيئرمين امير ڀنڀرو ڪئي، اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن جو صدر سلطان بليدي، سينيئر نائب صدر سائين بخش بنگلاڻي، جنرل سيڪريٽري وارث ڏاهري، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي چيئرمين امير ڀنڀرو چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت کي کپي ته سنڌ جي شهرن ۾ قيام امن لاءِ عملي قدم کڻي، ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ کانسواءِ ڪراچي جو  امن ناممڪن آهي، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي ٽئي ڌريون هڪ ٻئي سان سچيون ناهن، لساني ڌر ڪنهن به صورت ۾ شهرن جو ڪنٽرول پنهنجي هٿ مان وڃائڻ نه ٿي چاهي، بلدياتي نظام فوري طور ختم ڪري ڪراچي جا اڳوڻا ضلعا بحال ڪيا وڃن ۽ حيدرآباد کي پنهنجي تاريخي حيثيت ۾ بحال ڪيو وڃي، امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته موجوده نظام سڄي ملڪ سان گڏوگڏ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻين کي ٽئين درجي جو شهري بڻائي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ايس اين پي پريس ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ نيشنل پارٽي ناري تحريڪ جو ساليانو ڪنوينشن سڀاڻي پي ايم اي هال ۾ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ناري تحريڪ جون چونڊون ۽ سنڌي معاشري ۽ عورت جي ڪردار تي پڻ مڪالا پڙهيا ويندا.