اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

نصيرآباد لڳ وڌيڪ 3 پيرسن عورتن کي زندهه دفنايو ويو:هيومن رائيٽس جي دعويٰ

دبئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايشين هيومن رائيٽس ڪميشن جي پاڪستان ڊيسڪ جي انچارج بصير نويد دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچستان جي علائقي نصيرآباد لڳ وڌيڪ 3 عورتن کي زندهه دفنايو ويو آهي، هن خانگي ٽي وي کي ٻڌايو ته 5 عورتن کي زندهه دفنائڻ جي چئن ڏينهن  بعد وڌيڪ 3 پيرسن عورتن کي زندهه دفنايو ويو، هن چيوته ٽنهي عورتن ظلم تي احتجاج ڪندي مقامي سردار  تي تنقيد ڪئي هئي، عورتن جا نالا ان ڪري ظاهر نه ڪيا ويا آهن جو انهن جي عزيزن کي نقصان پهچي سگهي ٿو، هن چيو ته اسان جي تنظيم اهڙي ظلم خلاف عالمي تنظيمن کي آگاهه ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڄاڻايل واقعي بعد زندهه دفنايل عورتن جو انگ 8 ٿي ويو آهي.