اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
سنڌ سان زيادتي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪئي ويندي:جلال شاهه ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته راجا پرويز اشرف ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي، جيڪا سنڌي قوم سان غداري آهي، جلال شاهه وڌيڪ چيو ته مان پهريان به اهو واضح ڪري چڪو آهيان ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهڻ جو اعلان هڪ دوکو آهي، سنڌ سان زيادتي ڪهڙي به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، سنڌ جي درياءَ تي ڊيم ٺاهي سنڌ جي وسيلن تي پنجاب قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، حڪومت پنهنجي قول ۽ فعل ۾ تضاد ختم ڪري، بجلي جو بحران بند ڪري ۽ ڪنڊي سسٽم جو خاتمو ڪيو وڃي، ٻئي طرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر دودو مهيري پنهنجي بيان ۾ سڄي سنڌ ۾ وڌندڙ اغوا جي وارداتن، ڦرن ۽ ڌاڙن جي ڏوهن تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته سرڪار جي نااهلي سبب ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ وڪوڙجي وئي آهي، ائين پيو سمجهه ۾ اچي ته وري 1983ع کان 1993ع وارو زمانو ٻيهر تيزي سان سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حيدرآباد مان انجنيئر منور جوڻيجي سميت ٻين اغوا ٿيلن کي فورن بازياب ڪرايو وڃي. |