ڪراچي (بيورو رپورٽ)

9 اپريل سانحي جي ٽربيونل طرفان شاهدن جي لسٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (بيورو رپورٽ) 9 اپريل سانحي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اظهر صديقي جي سربراهي ۾ جوڙيل انڪوائري ٽربيونل پوليس پاران سانحي بابت داخل ڪيل ڪيسن جا تفصيل رڪارڊ تي رکندي 30 آگسٽ تي شاهدن جي لسٽ ۽ سندن حلفيه بيان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙي هدايت هن ڪالهه ابتدائي ٻڌڻي جي موقعي تي ڏني. ٽربيونل ايندڙ ٻڌڻي کليل عدالت ۾ ڪرڻ بابت پڻ فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه ٽربيونل ڪارروائي شروع ڪئي ته سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل سرور خان ۽ ايس ايس پي نياز احمد کوسو ٽربيونل ۾ پيش ٿي 9 اپريل بابت پوليس رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 9 اپريل تي وڪيلن سميت ڪل 10 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جن ۾ ٻه عورتون پڻ شامل هيون ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ 7 ڄڻا رساله ٿاڻي جي حد ۾ سٽي ڪورٽ جي ويجهو قتل ڪيا ويا، جڏهن ته باقي پريڊي ۾ 2 ۽ برگيڊ جي علائقي ۾ هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو ويو. ان ڏينهن تي سڄي شهر ۾ 61 گاڏين  کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته 9 اپريل سانحي بابت سڄي شهر ۾ 34 ڪيس داخل ڪيا ويا جن مان سائوٿ زون ۾ 15، اولهه زون ۾ 6 ۽ اوڀر زون ۾ 13 ڪيس داخل ڪيا ويا پر انهن سمورن ڪيسن ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب ڪو به ڪيس چالان نه ٿي سگهيو آهي. واضع رهي ته 9 اپريل تي وڪيل  حاجي الطاف عباسي سميت  10ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو، جن ۾ 6 وڪيلن ۽ سندن ڪلائينٽس کي زندهه ساڙيو ويو هو.