وزيرستان ۾ آمريڪي حملي ۾ مارجي ويلن جو تعداد 25 ٿي ويو

ميران شاهه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي محمد خيل ۾ آمريڪي جاسوس جهازن جي ميزائيل حملي ۾ مارجي ويلن جو تعداد 25 ٿي ويو آهي، مارجي ويل ۽ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن، مارجي ويل 20 ماڻهن جي ڪالهه تدفين ڪئي وئي، قبائلي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حملا ڪندڙ پرڏيهي جاسوس جهاز پاڪ-افغان سرحد ٽوڙي اندر داخل ٿي ويندا آهن، هوڏانهن باجوڙ ايجنسي جي علائقي سلارزئي ۾ هزارين ماڻهن تي مشتمل قومي لشڪر عسڪريت پسندن جي 6 گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته حڪومت طرفان 3 ڏينهن اندر افغان مهاجرن کي باجوڙ ايجنسي مان نڪري وڃڻ واري اعلان بعد افغان مهاجرن افغانستان ڏانهن وڃڻ شروع ڪري ڏنو آهي، پوليٽيڪل انتظاميا موجب 5 هزار افغاني مهاجر افغانستان واپس ويا آهن، سلارزئي جي علائقي تلي ۾ 4 بم ۽ 2 ميزائيلن کي ناڪاره بڻايو ويو، هوڏانهن اورڪزئي ۾ فيروز خيل جي قبائلي لشڪر 2 ڏينهن اڳ ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل چار خودڪش حملي آور ۽ 14 عسڪريت پسندن کي حڪومت جي درخواست تي پوليٽيڪل انتظاميا حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن ميران شاهه ۾ آمريڪي جاسوس جهازن ٻئي ڏينهن به اڏامون ڪيون، قبائلين فائرنگ ڪري جهازن کي ڀڄائي ڪڍيو.