(مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن)

ڪراچي جي 37 ارب 14 ڪروڙن جي بجيٽ پيش،سنڌي علائقا نظرانداز،اپوزيشن ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون،واڪ آئوٽ

ڪراچي (رپورٽ: امتياز چانڊيو) ڪراچي جي شهري ناظم مخالف ڌر جي سخت احتجاج، هُل هنگامي ۽ ڪوڙا ڪوڙا جي نعرن ۾ ڪراچي جي نئين مالي سال 9-2008ع جي 37 ارب 14 ڪروڙ 26 لک 20 هزار رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ سنڌي آبادي وارن علائقن ۽ ٻهراڙين کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مخالف ڌر يوسيز فنڊ نه رکڻ خلاف بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي واڪ آئوٽ ڪيو. ڪالهه شام جو ڪراچي سٽي ڪائونسل جو بجيٽ اجلاس ڪنوينر نسرين جليل جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ شهري ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال ڪراچي شهري حڪومت جي نئين مالي سال 9-2008ع جي 37 ارب 14 ڪروڙ 26 لک 20 هزار بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ڪل خرچن جو ڪاٿو 37 ارب 3 ڪروڙ 69 لک 40 هزار ۽  ۽ بچت جو ڪاٿو 10 ڪروڙ 56 لک 80 هزار رپيا لڳايو ويو آهي. شهر ۾ هلندڙ ۽ نون ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 10 ارب 53 ڪروڙ 18 لک رپيا رکيا ويا آهن ۽ سالياني ترقياتي پروگرام جي مد ۾ 2 ارب 46 ڪروڙ 45 لک رپيا پڻ رکيا ويا آهن.  سٽي ناظم ٻڌايو ته ڪراچي جي  37 ارب 14 ڪروڙ 26 لک 20 هزار رپين واري بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 18 ارب 75 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي.  بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 9 ارب 62 ڪروڙ 77 لک 90 هزار رکيا آهن، جيڪا بجيٽ جو 26 سيڪڙو رقم آهي. جڏهن ته صحت کاتي لاءِ 3 ارب 55 ڪروڙ 67 لک 80 هزار (ڪل بجيٽ جو 9.6 سيڪڙو) رقم رکي وئي آهي.شهر ۾ ريل ۽ روڊ بيس ماس ٽرانزٽ سسٽم جي رٿا تي ايندڙ سال کان عمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي ان  لاءِ 5 ڪروڙ 32 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن.  بجيٽ ۾ 60 وڏين رٿائن لاءِ به رقم رکي وئي آهي، بجيٽ ۾ سنڌي اڪثريتي علائقن توڙي ڳوٺن جي ترقي کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌي آبادي وارن علائقن ۾ هڪ به ميگا پراجيڪٽ شروع نه ڪيو ويو  ۽ نه ئي انهن لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکيا ويا. سٽي ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته بجيٽ ٽيڪس فري آهي، جنهن ۾ ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته موجوده بجيٽ ۾ ڏيڍ ارب جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪراچي واٽر بورڊ جي بجيٽ شامل ناهي، جڏهن ته سٽي ناظم جي بجيٽ تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي ڪائونسل ۾ اڇلايون جن کي سٽي ناظم بجيٽ تقرير شروع ڪرڻ کان اڳ 10 منٽن تائين ”پليز خاموش رهو“ ”پليز ٻڌو نه“ اوهان ڪيميرائن اڳيان گوڙ ڪرڻ چاهيو ٿا، اها اوهان جي پارٽي جي مجبوري آهي توهان جا فوٽو نڪتا آهن ۽ هاڻي احتجاج ختم ڪريو، جهڙا تکا مٺا جملا چوندو رهيو، جنهن تي مخالف ڌر وارن سخت گوڙ ڪيو ته سٽي ناظم يوسيز لاءِ فنڊ نه رکيا آهن ۽ هاڻي به آسرو ڏئي پيو، اپوزيشن جي 11 عورتن سوڌو لڳ ڀڳ 61 ميمبرن بجيٽ بڪن سان ڊيسڪون وڄائي ”گو ناظم گو، ڪوڙا سٽي ناظم ڪوڙا“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا پر سٽي ناظم پنهنجي گوڙ ۾ تقرير جاري رکي. جڏهن ته بجيٽ تقرير ختم ٿيڻ واري هئي ته مخالف ڌر جا ميمبر اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا.