آصف جو اڱاري تي صدارتي حلف کڻڻ جو امڪان،بلاول اڄ ڏيهه پهچندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جو ڪوچيئرمين ۽ نئون صدر آصف زرداري 9 سيپٽمبر اڱاري  تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو، پ پ جي ذريعن موجب سندس پٽ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڏيهه پهچي رهيو آهي، هوڏانهن ايوان صدر جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حلف برداري  لاءِ انتظام  مڪمل ڪيا ويا آهن.  ان ڏس ۾ دعوت نامه اڄ جاري ڪيا ويندا،  پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته  حلف کڻڻ بابت اڃا حتمي فيصلو ناهي ٿيو، پر سومر يا اڱاري تي حلف برداري تقريب جو امڪان آهي. جڏهن ته پ پ ذريعن موجب آصف زرداري صدر جو حلف کڻڻ کان اڳ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري لاءِ ڳڙهي خدا بخش ويندو.