اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

پيپلزپارٽي ججن جي بحالي  کي صدارتي چونڊ  سان  مشروط ڪري ڇڏيو:ذريعا

اسلام آباد (آن لائن)   پاڪستان پيپلز پارٽي ججن جي بحالي کي صدارتي  چونڊ سان  مشروط ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن  ته آصف علي زرداري صدارتي عهدو  سنڀالڻ کانپوءِ 58 ٽو بي تان دستبردار ٿي سگهي ٿو، هڪ  خانگي ٽي وي چينل حڪومتي ذريعن جي  حوالي سان  ڄاڻايو آهي ته 3 نومبر تي  هٽايل ججن جي بحالي لاءِ هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر جي ضرورت آهي،  جيڪو صدارتي چونڊ جو مرحلو مڪمل  ٿيڻ کانپوءِ ئي  جاري  ڪري سگهجي ٿو،  ذريعن ٻڌايو ته  ججن جي بحالي  لاءِ  آئيني پيڪيج جو معاملو  پيچيدا آهي، جنهن ڪري ججن کي ايگزيڪيوٽو آرڊر جي ذريعي  ئي بحال ڪري  سگهجي ٿو،  ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان  حتمي ڳالهه ٻولهه انهن کي  معاملن  کي نظر ۾ رکي ڪئي ويندي، ذريعن  موجب جي  يو آءِ  ۽ اي اين  پي صدارتي  چونڊ لاءِ  آصف زرداري  جي حمايت جو  اشارو  ڏنو آهي ۽ آصف زرداري ئي ايندڙ صدر هوندو.