اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

پرڏيهي ناڻي جي  مٽا سٽا جا ذخيرا وڌيڪ 66 ڪروڙ ڊالر گهٽجي ويا

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ملڪ ۾ هفتي دوران  پرڏيهي  مٽا  سٽا جي  ناڻي وارن ذخيرن ۾  وڌيڪ 66 ڪروڙ   ڊالر جي گهٽتائي اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ اهي ذخيرا 8 ارب 13 ڪروڙ ڊالر تائين بچيا آهن،  جنهن کانپوءِ   اسٽيٽ بئنڪ وٽ صرف 4 ارب 68 ڪروڙ ڊالرز جا ذخيرا بچيا آهن،  ماهرن جو چوڻ آهي ته  اسٽيٽ بئنڪ تيل خريداري لاءِ   وڏي پئماني تي   ڊالر فراهم ڪري رهي آهي پر  خود ملڪ  ۾ ڊالر جي فراهمي ۾ اضافو نه ٿيو آهي، جنهن ڪري   پرڏيهي  مٽا سٽاجي  ناڻي  وارن ذخيرن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي  ٻئي طرف اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته  مٽا  سٽا جي  ذخيرن کي ٻن مهينن جي درآمدي بل برابر آندو ويندو.