|
ڪشمير جي
خودمختياري لاءِ ڀارتي وزيراعظم جي تجويز جو حامي آهيان:زرداري
لنڊن (مانيٽرنگ
ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته پاڪ ڀارت
لاڳاپن ۾ سڀ کان وڏو خطرو عسڪريت پسندي آهي، لنڊن ۾ تهلڪا
ميڊيا گروپ تحت پاڪ ڀارت ڪانفرنس ۾ پنهنجي لکت ۾ بيان ۾ زرداري
چيو ته ڀارت سان لاڳاپن ۾ پ پ جي پهرين ترجيح تڪرار نه واپار
آهي، ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي پاليسي کي عسڪريت پسند جي اثر کان
بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته عسڪريت پسندي جو خاتمو ڪيو وڃي، هن
چيو ته ٻنهي ملڪن کي پنهنجي عوام جو تحفظ ڪرڻ لاءِ دهشتگردن جو
خاتمو ڪري هم آهنگي ۽ بين المذاهب کي هٿي ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته
دهشتگردي جون ڪئمپون ٻنهي ملڪن جي امن عمل کي نقصان پهچائي
رهيون آهن ۽ انهن کي پٽي اڇلائڻو پوندو، ڀارتي سڌ سماءُ جي
اداري موجب پڙهيل بيان زرداري ڪشمير جي خودمختياري بابت ڀارتي
وزيراعظم من موهن سنگهه جي تجويز جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي
ملڪن ۽ ڪشميري اڳواڻن تي ٻڌل هڪ پئنل جوڙيو وڃي جيڪا رياست جي
دفاع ۽ پرڏيهي معاملن جو فيصلو ڪري، هن چيو ته آئون ڀارتي
وزيراعظم پاران ڪشمير جي گريٽر خودمختياري جي حمايت ڪريان ٿو،
هن چيو ته جيڪڏهن ڪشمير مسئلي ۾ دير ٿئي ٿي ته اها ٻنهي ملڪن
وچ ۾ لاڳاپن ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن کي رابطا وڌائڻ
گهرجن ۽ ويزا تي پابندي ختم ڪرڻي پوندي. |