دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

ڊاڪٽر عافيه جي پٽ کي جلد وارثن حوالي ڪيو ويندو:افغان پرڏيهي وزير

ڪابل(اي ايف پي) افغانستان جي پرڏيهي وزير رنگين دادفر چيو آهي ته آمريڪا ۾ قيد پاڪستاني ڊاڪٽرياڻي ڊاڪٽر عافيه جي پٽ کي جلد آزاد ڪري سندس گهر وارن حوالي ڪيو ويندو، اي ايف پي موجب افغانستان جي پرڏيهي وزير چيو ته ڊاڪٽر عافيه جو 11 ورهين جو پٽ احمد صديقي هن وقت افغان اٽارني جنرل جي آفيس ۾ موجود آهي، احمد صديقي کي 17 جولاءِ تي غزني صوبي ۾ آپگهاتي حملي جي تياري ڪرڻ جي شڪ ۾ماءُ سان گڏ گرفتار ڪيو ويو هو، واضح رهي ته ڊاڪٽر عافيه هن وقت آمريڪي قيد ۾ آهي ۽ پاڪستان آمريڪا کان سندس آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.