دبئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) |
|
ڀارت جو مشهور مارڪسسٽ اڳواڻ هرڪشن سنگهه سرجيت لاڏاڻو ڪري ويو نئين دهلي (فارين ڊيسڪ) ڀارت جو مشهور مارڪسسٽ اڳواڻ هرڪشن سنگهه سرجيت ڊگهي علالت بعد ڪالهه دهلي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس عمر 92 سال هئي، هرڪشن سنگهه کي هڪ عملي سياسي اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو، هن 1996ع ۾ بي جي پي حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ ڪانگريس جي گڏيل حڪومت ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، کيس 25 جولاءِ تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، مارڪسسٽ پارٽي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ان کان پهرين 6 مئي تي دل جي تڪليف سبب اسپتال ۾ داخل ٿيو، جڏهن ته صحت سڌرڻ بعد 3 جون تي کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو. |