لاهور (بيورو رپورٽ)

آمريڪا نيلسن منڊيلا جو نالو دهشتگردن واري لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس صدر بش کي هڪ قانوني بل اماڻيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي صدر نيلسن منڊيلا کي آمريڪا اچڻ جي اجازت ڏني وڃي، آمريڪي سينيٽ ۽ ڪانگريس جا ميمبر انهي بل جي مسودي تي متفق آهن، بل ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي ڊيٽا بيس مان ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي صدر نيلسن منڊيلا ۽ آفريقي نيشنل ڪانگريس جي ميمبرن جا نالا خارج ڪيا وڃن، واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ آمريڪي اميگريشن واچ لسٽ ۾ نيلسن منڊيلا ۽ آفريقي نيشنل ڪانگريس جي ٻين ميمبرن جا نالا شامل ڪيا ويا هئا، جنهن سبب کين آمريڪا وڃڻ جي اجازت نه هئي، ٻئي پاسي ان کان اڳ نيلسن منڊيلا لنڊن ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات پنهنجي سالگرهه تقريب کي خطاب ڪيو، نيلسن منڊيلا 90 ورهين جو ٿي ويو آهي ۽ هن 90هين سالگرهه ملهائي، ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جو ڪم اڃا ختم ناهي ٿيو، اسان جو ڪم سڀني لاءِ آزادي حاصل ڪرڻ آهي، هن چيو ته جيستائين دنيا مان ايڊز جو خاتمو نه ٿيندو، سک سان نه ويهنداسين.