|
بش جي
پاليسين سبب ڏکڻ ايشيا ۾ ائٽمي جنگ جا خطرا وڌي ويا آهن:اوباما
واشنگٽن
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار
بارڪ اوباما چيو آهي ته جيڪڏهن هو صدر چونڊجي ويو ته هو
پاڪستان ۽ ڀارت کي ائٽمي هٿيارن جي تجربي جي پابندي بابت سي ٽي
بي ٽي تي صحيح ڪرائڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ائٽمي جنگ جا خطرا گهٽائڻ
لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ حوصلا افزائي ڪندو، هڪ آمريڪي
مئگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ بارڪ اوباما صدر بش جي ٻنهي پاڙيسري
ملڪن بابت پاليسي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي الزام هنيو
ته بش جي پاليسين جي ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ ائٽمي جنگ ٿيڻ جا خطرا
پيدا ٿي ويا آهن، علائقي ۾ ائٽمي جنگ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ
پنج نڪاتي منصوبو پيش ڪندي بارڪ اوباما چيو ته ائٽمي جنگ کان
بچڻ جو بهترين رستو هي آهي ته وڌيڪ ائٽمي تجربن جي رعايتن کي
گهٽايو وڃي، ڀارت آمريڪا جوهري معاهدي جي حوالي سان هن چيو ته
ڳجهي معاهدي ۾ منهنجي ٻن ترميمن جو مقصد ئي انهن مقصدن کي حاصل
ڪرڻ هو. هوڏانهن آمريڪي صدارتي اميدوار سينيٽر بارڪ اوباما
صدر بش سان ملاقات لاءِ وائيٽ هائوس پهتو.
|