اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

مشرف کي استعيفا بعد ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ تي غور،صدر جو انڪار

اسلام آباد(رپورٽ: قربان بلوچ) صدر پرويز مشرف استعيفا جي صورت ۾ پاڪستان مان ٻاهر نه وڃڻ ۽ استعيفا کان اڳ سندس قدمن کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ تي اسرار ڪري رهيو آهي،  ايندڙ 48 ڪلاڪ اهميت وارا آهن، ذريعن مطابق صدر پرويز مشرف پاران مواخذي جي رٿ کي منهن ڏيڻ لاءِ قانوني ۽ آئيني ماهرن سان مشاورت جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ چارج شيٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ يا نه ڪرڻ واري نقطي سميت سموري صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي، ڪجهه آئيني ۽ قانوني ماهرن جو موقف آهي ته چارج شيٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ سان مواخذي تي اسٽي ملي ويندو، جڏهن ته اٽارني جنرل ملڪ قيوم جو موقف آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو ڪو فائدو ناهي، ڇو ته مواخذو سياسي معاملو آهي، صدر پرويز مشرف کي محفوظ رستو ڏيارڻ لاءِ صدر ۽ حڪومتي جماعتن ۾ ٽياڪڙي ڪندڙن جون سرگرميون جاري آهن، هوڏانهن حڪمران اتحاد جون ڪجهه ڌريون چاهين ٿيون ته هو استعيفا ڏئي ٻاهر هليو وڃي، باقي مامرا بعد ۾ طئي ڪيا ويندا پر صدر استعيفا کان اڳ انهن مامرن جو حل چاهي ٿو، جنهن سبب مامرو اڃا اٽڪيل آهي، جن جي حل ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪ اهميت رکن ٿا، ذريعن مطابق حڪومتي اتحاد جي ڪجهه ڌرين جو صدر تي استعيفا ڏئي ٻاهر وڃڻ لاءِ ان ڪري به زورآهي ته سندس استعيفا  کانپوءِ پاڪستان ۾ رهڻ کانپوءِ اتحادي جماعتن ۾ اهو مامرو ڪر کڻندو ته صدر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته صدر استعيفا ڏئي ٻاهر هليو وڃي، صدر پرويز مشرف اڃا تائين سندس ڳالهيون نه مڃڻ جي صورت ۾  چارج شيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي بضد آهي، جنهن ۾ سندس پاران ڪو به قدم کڻڻ متوقع آهي، تنهن ڪري ايندڙ هفتي ۾ ڪافي مامرا واضح ٿي ويندا.