اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

”مواخذي ۾ مدد ڪيو“:آصف علي زرداري جو مولانا سميع الحق سان رابطو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق سان ٽيليفون تي رابطو ڪري صدر جي مواخذي ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي، خانگي ٽي وي چينل موجب آصف علي زرداري ڪالهه مولانا سميع سان رابطو ڪري مواخذي ۾ مدد لاءِ چيو، جنهن تي مولانا سميع الحق کيس صدر جي مواخذي ۾ ڀرپور مدد جي خاطري ڪرائي.