نيب آصف زرداري جا منجمد بئنڪ اڪائونٽ ۽ اثاثا بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽ:قربان بلوچ) قومي احتساب بيورو (نيب) اين آر او تحت پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جا نيب ڪيس ختم ٿيڻ کانپوءِ سندس سمورا منجمد اثاثا بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سميت سمورن لاڳاپيل اختيارين کي ليٽر جاري ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان نيب چيئرمين نويد احسن ڪاوش سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اين آر او تحت پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جا نيب ڪيس ختم ٿيڻ کانپوءِ سندس منجمند اثاثا بحال ڪرڻ جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري لاڳاپيل اختيارين کي مختلف آرڊر جاري ڪيا ويا آهن جن جو انگ 3 آهي، جنهن ۾ اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اين آر او تحت آصف علي زرداري تان جيڪي احتساب ڪيس ختم ٿي ويا، انهن ڪيسن ۾ سندس منجمند اثاثا بحال ڪيا وڃن، هن ٻڌايو ته ڄاڻايل ليٽر ڪجهه ڏينهن اڳ جاري ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل ذوالفقار ڀٽه ڪاوش کي ٻڌايو ته آصف علي زرداري خلاف نيب ڪيس 2 مهينا اڳ ختم ٿي ويا، جنهن کانپوءِ سندس منجمند اثاثن جي بحالي، پاڻمرادو ٿيڻي هئي، ٿي سگهي ٿو ته نيب چيئرمين ان حوالي سان فارملٽي طور ليٽر جاري ڪيو هجي، هن ٻڌايو ته نيب چيئرمين کي ڪو ڪيس خارج ٿيڻ کانپوءِ 15 ڏينهن تائين اثاثا منجمند رکي سگهي ٿو، جنهن بعد اثاثا پاڻمرادو بحال ٿي ويندا، اهڙي صورت ۾ جڏهن ڪيس ختم ٿي وڃن ۽ مقرر وقت ۾ ادارو اپيل ۾ نه وڃي ته ڪا به اختياري اثاثا منجمند نه ٿي رکي سگهي، هن ٻڌايو ته نيب طرفان مقرر وقت اندر ڪيسن جي فيصلن خلاف اپيل ۾ نه وڃڻ  بعد اهي فيصلا لاڳو ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ان صورت ۾ ڪا اختياري اثاثا منجمند رکي ٿي ته ان تي نيب جي سيڪشن 9 تحت اختيارن جي غلط استعمال تحت ڪارروائي ٿيندي ۽ ان اختياري خلاف نقصان پهچائڻ جو به ڪيس ٿي سگهي ٿو.