ملڪ ۾ عورتن جا ٿاڻا قائم ڪرڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪبو:فهميده مرزا

اسلام آباد (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته عورتن کي وڌ کان وڌ بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي معاشي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ عورت پوليس اسٽيشنون قائم ڪرڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو. پهرين مرحلي ۾ شروعات وفاقي گادي واري شهر کان شروعات ڪئي، ڪالهه هتي پوليس طرفان مدد جي گهرجائو عورتن جي لاءِ سهولت جي باري ۾ ريسڪيو  15 طرفان منعقد ڪيل بريفنگ ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عورت پارلياماني ميمبرن پنهنجو هڪ الڳ گروپ جوڙيو آهي، جيڪو پنهنجي پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، کين معاشي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن تي ظلم ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي لاءِ سفارشون تيار ڪندو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت عورتن کي انصاف جي فراهمي لاءِ اعلان ڪيل فنڊن جي فراهمي روڪي ڇڏي پر موجوده حڪومت ائين نه ڪندي. هن چيو ته عورتن جي مجموعي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ عورت پوليس اسٽيشنن کي وڌ کان وڌ فعال ۽ متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا سان عورت پارلياماني گروپ جي نمائندگي ڪندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن فرزانه راجا، نفيسا شاهه، نزهت صادق، ڊاڪٽر دونيا عزيز، صائمه ڀروانه ۽ بشريٰ گوهر گڏ هيون.