سرحد جي پ پ وزيرن جو آصف  سان اجلاس، گورنر هٽائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  پنجاب کانپوءِ سرحد  سان واسطو  رکندڙ پ پ جي وزيرن، ايم پي ايز ۽ عهديدارن جو پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري  سان  اهم اجلاس،  اي اين پي جي اتحادي حڪومت خلاف ڀرپور شڪايتون ڪيون ويون، اڳواڻن گورنر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پ پ سرحد جي  وزيرن، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ عهديدارن جو اجلاس پارٽي جي شريڪ  چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت ۾ منعقد ٿيو،  اجلاس ۾ سرحد صوبي ۾ دهشتگردي خلاف جنگ، ترقياتي منصوبن ۽ اتحادي  حڪومت جي ڪم واري صورتحال تي غور ڪيو ويو،  ذريعن موجب اڳواڻن  موجوده  گورنر اويس غني کي  اڳوڻي نظام جو حصو  قرار ڏيندي کيس  تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ان  موقعي تي اڳواڻن گورنر لاءِ  پ پ ڪارڪن سردار علي جو نالو پيش ڪيو، اڳواڻن ۽  وزيرن آصف زرداري آڏو اي اين پي جي عدم تعاون ۽  پ پ کي  نظر انداز ڪرڻ  جون  شڪايتون ڪيون، اجلاس ۾ آصف علي زرداري صوبائي قيادت کي پارٽي جي تنظيمن جي جوڙجڪ هڪ مهيني اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس بابت جاري ڪيل  پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  پارٽي جي چونڊيل  اسيمبلي ميمبرن  پارٽي  شريڪ  چيئرمين کي کين درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو آهي،  آصف علي زرداري اتحادي حڪومت تي بهتر نموني ڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي اميد ڏيکاري ته  اتحادي حڪومت جو  عبوري عرصو جلد ختم ٿيندو ۽  عوامي مسئلن جي حل لاءِ اتحادي حڪومت جي   ڪيل ڪوششن جا جلد نتيجا نڪرندا، گذريل 10 سالن ۾ جيڪي خرابيون پيدا ڪيون ويون، اهي ٽن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ختم ٿي نه ٿيون سگهن،  پر پارٽي عوامي مسئلن جي حل وارين ذميوارين کان  منهن نه موڙيندي، پ پ ملڪ جي وڏي جماعت آهي، جنهن صاف شفاف چونڊن ۾ هميشه وڏي انگ ۾  ووٽ کنيا آهن، جنهن سبب پارٽي تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته عوام جي توقعات تي پوري لهي، اجلاس ۾  ايم پي ايز کانسواءِ صوبائي وزيرن، رحيم يار خان، همايون خان، لياقت علي شباب، پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل  جهانگير بدر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.