|
پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر 30 سيپٽمبر تائين گوشوارا جمع ڪرائين:چيف اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر (ر) قاضي محمد فاروق پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي هڪ دفعو ٻيهر ياد ڪرايو آهي ته پنهنجي ملڪيتن جا گوشوارا 30 سيپٽمبر 2008ع تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائين، هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ميمبرن کي چيو ويو آهي ته 30 سيپٽمبر 2008ع تائين ملڪيتن جا گوشوارا جمع نه ڪرائڻ وارن جي ميمبرشپ معطل رهندي، جيستائين هو گوشوارا جمع نه ڪرائيندا.
|