|
واهه ڪينٽ آپگهاتي حملن جو ماسٽر مائينڊ گرفتار،مسجد جو خطيب ۽ خادم به جاچ ۾ شامل اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) واهه ڪينٽ ۾ آرڊيننس فيڪٽري ۾ مارجي ويلن جو انگ 85 ٿي ويو آهي، جڏهن ته آپگهاتي حملن جي ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جو تعلق واهه جي مدرسي سان آهي ۽ گرفتار آپگهاتي بمبار جو تعلق خيبر ايجنسي سان هجڻ ۽ وزيرستان ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، خانگي ٽي وي چينل موجب جاچ ادارن جو چوڻ آهي ته واهه ڪينٽ ڌماڪن جي ماسٽر مائينڊ جوابدار جو تعلق واهه جي مقامي مدرسي سان آهي ۽ هن خودڪش بمبارن کي پاڻ وٽ ترسايو هو، جڏهن ته بمبارن کي گهربل ڄاڻ ۽ بارودي مواد به فراهم ڪيو هو، خانگي ٽي وي چينل موجب جوائنٽ جاچ ٽيم اطلاع ملڻ تي جوابدار کي گرفتار ڪيو، جوابدار جي عمر 19 کان 20 سال آهي، سندس تعلق واهه ڪينٽ مدرسي سان آهي، جڏهن ته پاڻ به واهه ڪينٽ جو رهواسي آهي، جنم به انهي علائقي ۾ ٿيو ۽ سڄي عمر به اتي ئي گذاري، جوابدار 4 بمبارن کي هتي آڻي جاءِ به مسواڙ تي وٺي ڏني ۽ 6 ڏينهن پاڻ وٽ ترسائي فيڪٽري بابت ڄاڻ فراهم ڪندو رهيو ۽ هدف تائين وٺي ويو، ٻئي طرف پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊي آءِ جي پنجاب شوڪت جاويد ٻڌايو آهي ته 3 آپگهاتي بمبار ٽيڪسي ۾ سوار ٿي واهه پهتا، جتي هنن مسجد جي باٿ روم ۾ آپگهاتي جيڪٽ پاتيون پر هڪ بمبار جيڪٽ لاهي فرار ٿي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو، هن ٻڌايو ته گرفتار ٿيل آپگهاتي بمبار جو نالو حميد الله آهي، جنهن جو تعلق خيبر ايجنسي سان آهي ۽ ان آپگهاتي حملي جي تربيت ميران شاهه ۾ حاصل ڪئي، آءِ جي جو چوڻ هو ته گرفتار بمبار وٽان ٻين جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ اهم شاهديون مليون آهن، هوڏانهن آپگهاتي حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 85 ٿي ويو آهي، مارجي ويلن جي جنازي نماز مختلف هنڌن تي ادا ڪئي وئي، جڏهن ته متاثر علائقي ۾ سرچ آپريشن بعد فيڪٽري جي علائقي کي ڪليئر قرار ڏنو ويو، پوليس 10 شڪي ماڻهو گرفتار ڪري ورتا آهن. جڏهن ته علائقي جا اسڪول 3 ڏينهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، ڪالهه علائقي ۾ سوڳ سبب ڪاروباري مرڪز بند رهيا، پي او ايف اسپتال ۾ 167 زخمين جي لسٽ لڳائي وئي آهي، بي بي سي دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس ان مسجد جي خطيب ۽ خادم کي به جاچ ۾ شامل ڪيو آهي جنهن جي ٻاهران مبينا بمبار گرفتار ڪيو ويو هو، اهو به معلوم ٿيو آهي ته جوابدار جاچ دوران بمبارن جا نالا به پوليس کي ٻڌايا آهن، جيڪي پوليس راز ۾ رکيا آهن پر پوليس جو چوڻ هو ته انهن جو تعلق به وزيرستان سان آهي. |