ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

رقيه عزيز ٽالپر

                جيئن ته اڄڪلهه جوائنٽ فيملي توهان کي تمام گهٽ نظر ايندي، ڇو ته هن مهانگائي جي دور ۾ گڏ رهڻ تمام مشڪل آهي، سنگل فيملي جيڪا رهي ٿي، انهن جا ئي ايترا خرچ وڌي ويا آهن ته جوائن فيملي جا خرچ ان کان وڌيڪ هوندا. اڄڪلهه هن نفسانفسي جي دور ۾ رشتن ۾ ڪيڏا ته ويڇا پئجي ويا آهن، ڀاءُ ڀاءُ کي برداشت نٿو ڪري، ڀيڻ ڀيڻ کي برداشت نٿي ڪري ته جوائنٽ فيملي گڏ ڪيئن ٿي رهي سگهي، هاڻي اهو دور ناهي رهيو، جيتريون وڌيڪ سهولتون آهن، اوترا ئي خرچ وڌي ويا آهن، اڳئين دور ۾ ماڻهن ۾ محبت به تمام گهڻي هوندي هئي ۽ هڪ ٻئي جي ڳالهه برداشت به ڪندا هئا پر هاڻي اها محبت ۽ پيار سڀ ختم ٿي چڪو آهي، اڳي جيترو ملندو هو اوترو ئي کائي پيئي انسان خدا جو شڪر ادا ڪندا هئا پر هاڻي ائين ناهي، جيترو وڌيڪ ملي ٿو اوترو ئي انسان ناشڪر آهي. هن دور ۾ سائنسدانن ايتريون شيون ايجاد ڪيون جو هر امير ۽ غريب ماڻهو چاهي ٿو ته اسان کي هر اها شيءِ ملي جيڪا هن دنيا ۾ ايجاد ٿي آهي، جوائنٽ فيملي ۾ تڪرار تمام گهڻا هوندا آهن، جيڪڏهن هڪڙي گهر ۾ 2 ڀائر گڏ رهن ٿا ته انهن جون زالون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن، شروع ۾ ته هنن جي پاڻ ۾ ٿوري گهڻي محبت رهي ٿي پر جڏهن انهن کي اولاد پيدا ٿيندو آهي، تڏهن هنن جا جهيڙا شروع ٿي ويندا آهن، ٻارن جي ٿوري گهڻي ڳالهه تي گهر جا وڏا پاڻ ۾ وڙهي پوندا آهن، هو پنهنجا رشتا ناتا سڀ وساري ويهندا آهن، جوائن فيملي ۾ گهر جون عورتون به گهر جي ڪم ڪار تان پاڻ ۾ وڙهنديون رهنديون آهن، ڇو ته هو هڪ ٻئي جي آسري تي گهر جو ڪم نه ڪنديون آهن، هڪ چوندي ٻئي کي ته هي ڪم تون ڪر آئون ڇو ڪريان ۽ ٻي چوندي ته هي ڪم تون ڪر آئون ڇو ڪريان، جيئن سنڌي ۾ چوڻي آهي ته (گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مڙسين هر نه هلي) جوائن فيملي ۾ جيئن ته گهر ڀاتي تمام گهڻا هوندا آهن، ان ڪري گهر جو راشن به تمام گهڻو ايندو آهي، هڪڙي گهر ۾ جيڪڏهن 4 ڀائر گڏ رهن ٿا ۽ گهر جو راشن به گڏجي وٺن ٿا پر جڏهن گهر جو راشن هڪ مهيني کان اڳ ختم ٿي وڃي ٿو ۽ پورو نٿو ٿئي ته ڀائرن جو پاڻ ۾ جهيڙو شروع ٿي ويندو آهي، هڪ ڀاءُ ٻئي کي چوندو تون وٺ ۽ ٻيو وري ٽئين کي چوندو تون وٺ، آئون ڇو وٺان، ائين ئي ڀائرن ۾ پاڻ ۾ فساد پيدا ٿيندا آهن ۽ نفرتون وڌي وينديون آهن. جيڪڏهن سنگل فيملي رهي ٿي ته ان ۾ صرف هڪ ئي مرد  تي سڄي گهر جي ذميواري هوندي آهي. ڪمائڻ وارو هڪ فرد هوندو آهي، پوءِ هن جي مرضي گهر جي پوري ڪري يا نه ڪري، گهر ۾ ٿورو گهڻو جيترو به وٺي اچي صرف هن جي ذميواري آهي، اهو پاڻ ئي مُنهن ڏيندو آهي ۽ گهر جون ذميواريون پوريون ڪندو، هن نفسا نفسي جي دور ۾ انسان سڀني مٽن مائٽن کان الڳ رهي ته بهتر آهي، ڇو ته هاڻي مهانگائي جو دور آهي ۽ ماڻهن ۾ اهو پيار ۽ محبت ناهي رهي جو ماڻهو گڏجي رهي.

 

زندگي ڇا آهي؟

 

* زندگي ۾ نه ته سڄي ماکيءَ آهي ۽ نه وري زهر پوءِ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته زندگي ۾ ڪيتريون خوشيون يا ڏک آهن.

* پاڻ کي وهندڙ پاڻي مثل بڻايو جيڪو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي.

* رت جا رشتا هجن يا پرخلوص دوستي جا هجن ايترا آساني سان ناهن ٽٽندا ۽ جڏهن انهن رشتن ۾ محبت جا رنگ ٿي وڃن ته اهي اٽوٽ ٿي ويندا آهن، هميشه اهڙن رشتن جي قدر ڪرڻ گهرجي.

هميشه محبت ۽ خوشيءَ جي رشتن کي پروان چڙهائي سگهجي.

نبيلا حيدر سهتو/ٽنڊوڄام يونيورسٽي