ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

صليب

شگفته جبين

 

ڄاڻان ٿي ته...

ڏک جي هن گهري ساگر ۾ گهڻو ڪجهه

ديو مالائي قصن.....

۽.....

طلسماتي ڪهاڻين جي انجام جيان

سُندر ناهي هوندو.....

ڇاڪاڻ ته.....

يقين ۽ گمان جي وڇوٽي ۾

صدين جا فاصلا لڪيل آهن

پر.....

شهر محبت جي سٽيل سازشن ۾

خوابن ۽ عذابن جي ڪابه مُند

مقرر ناهي هوندي.....

تڏهن ته مون پنهنجي وجود کي

ڪنهن اڻ ڪيل گناهه

ڪنهن بي سبب خطا

جي عيوض.....

سزا ۽ جزا جي صليب تي

هميشه لاءِ ٽنگي ڇڏيو آهي.....