|

امبرين
هيسباڻي
سکر
ضلعي جي باگڙجي جي تعلقي جي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سان
لاڳاپيل هڪ هيڊ ماسترياڻي نسيم پروين لاکو اڄ پنهنجو پاڻ کي
مڪمل تبديل سمجهي ٿي، هُن جي وهم گمان ۾ به نه هو ته هوءَ
ايتري رواني سان انگريزي ڳالهائي ويندي، ڪراچي
جي هڪ انسٽيٽيوٽ ٽريننگ حاصل
ڪندڙ انهيءَ هيڊ ماسترياڻي کي ”پڙهائي“ جو جيڪو ڏانءُ هاڻي آيو
آهي، اهو هت ڪنهن به سرڪاري تربيتي اداري ۾ حاصل نه ٿي سگهيو
آهي. سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم هونئن به هڪ اشو رهيو آهي پر خاص
ڪري جتي سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم ڇوڪرن جي تعليم جي ڀيٽ ۾ 75
سيڪڙو گهٽ آهي، اتي انهن ٿورڙي تعداد ۾ شاگردياڻين کي
پڙهائيندڙ فيميل ٽيچرس ۾ ئي تعليم ۽ پڙهائي بابت ڄاڻ جي کوٽ به
هڪ اشو آهي، هڪ ته اسان وٽ ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ مقرر ڪيل فيميل
ٽيچرس کي نياڻين ۾ تعليم جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ميٽرڪ سطح تي به
کنيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ”استاد“ هڪ اهڙي ڊيوٽي آهي جيڪا سڀ کان
وڌيڪ نج ميرٽ تي ۽ هڪ مڪمل ڄاڻ جي کاڻ رکندڙ شخصيت کي ئي ڏني
وڃي ته بهتر آهي پر هتي اسان وٽ انهيءَ حوالي سان هڪ وڏو الميو
رهيو آهي ته هتي جيڪو ماڻهو ٻئي پاسي ڊيوٽي جي قابل نٿو رهي ته
ان لاءِ ”ماستري“ آخري آپشن هجي ٿو ۽ اسان وٽ بلڪل انهي ڳالهه
طرف ڪوبه ڌيان نٿو ڏئي ته انهي سموري صورتحال جو اسان جي سماج
۽ اسان جي ايندڙ نسل تي ڪهڙو اثر پوي ٿو! هونئن ته ڇوڪرن کي
پڙهائيندڙ استادن ۾ به ”تعليم“ بابت ڄاڻ جي کوٽ آهي پر هتي
جيڪڏهن فيميل ٽيچرس جو جائزو وٺنداسين ته ٿر کان وٺي ڪاڇي
تائين، لاڙ کان وٺي اُتر تائين ڪراچي کان ڪوٽ غلام محمد تائين
فيميل ٽيچرز ۾ پڙهائي بابت ۽ تعليم بابت ڄاڻ توڙي تحقيق جي
تمام گهڻي کوٽ آهي، اسان جي ملڪ ۾ فيميل ٽيچرس جي تربيت لاءِ
موجود سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ته اسان سڀني جي سامهون آهي،
تعليم بابت جديد تحقيق مان پتو پيو آهي ته ”ٻار مڇ جو وار“
وارو اصطلاح هاڻي غلط ثابت ٿي چُڪو آهي، ٻار جي ذهن کي ڪابه
ٽيچر پنهنجي مرضي سان موڙي نه ٿي سگهي پر ٻار کي ۽ خاص ڪري
ڇوڪريءَ کي ان جي مرضي ۽ ذهني لاڙي موجب ڇڏي ڏيڻ گهرجي، اسان
وٽ ٻهراڙين ۾ موجود اسڪولن ۾ پڙهائي جو طريقي ڪار ۽ پڙهائي جو
ماحول اٽڪل ”پندرهين صدي“ وارو آهي، ان کانسواءِ سرڪاري طور
نصاب به اهو ئي پراڻو آهي، تازي تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته اهو
نصاب جيڪو ٻار جي فطرت جي ويجهو ناهي، جيڪو نصاب ٻار کي پاڻ
ڏانهن ڪشش نٿو ڪري، اهو نصاب ناڪام آهي. نسيم پروين لاکو جو
چوڻ آهي. تعليمي ادارن ۾ تحقيق جي کوٽ آهي، تعليم بابت تحقيق
ڪڏهن به نه ڪئي وئي آهي، خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان
ته بلڪل نه هئڻ جي برابر تحقيق ٿي آهي، اسان کي تعليم تي تحقيق
ڪرڻي پوندي. هاڻي ته ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ڪافي سجاڳي
آئي آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ پهرين نه پر هاڻي نياڻين جي حوالي سان
تعليم ڏانهن ڪافي رجحان وڌي رهيو آهي. هاڻي ته اسان جي ڳوٺ جون
ڇوڪريون ڊاڪٽر ۽ ايئر هوسٽس به ٿيون آهن، هن وقت به هڪ اڌ اهڙو
گهراڻو آهي، جيڪو پنهنجين نياڻين کي تعليم نه ڏياري رهيو آهي،
باقي ڪافي گهرن جون ڇوڪريون يونيورسٽي تائين پهچي چڪيون آهن،
اسان جي ڳوٺ مان پهرين مان هُيس جيڪا پڙهائي لاءِ ٻاهر نڪتيس ۽
هاڻي اهي ڇوڪريون مون کي فالو ڪندي پڙهائي لاءِ ٻاهر نڪتيون
آهن، اسان جو سڄو ڳوٺ هڪٻئي کي سپورٽ ڪندو پيو وڃي. هن وقت
اتان جي پرائمري اسڪول جون ٽيچر منهنجيون شاگرد آهن، جيڪا
منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. بلوچستان جي رهواسڻ رخسانه
جمالي جو چوڻ هو ته بلوچستان جي پڙهائي هجي يا وري سنڌ جي
پڙهائي هر جاءِ تي بهترين هلي رهي آهي، صرف ڪورس تبديل آهي،
ٻارن مٿان پريشر وجهڻ ۽ انهن کي مارڪٽ اهي شيون هر جاءِ تي
توهان کي نظر اينديون، هاڻي اسين 21هين صدي ۾ هلي رهيا آهيون،
اها ڳالهه منهنجي لاءِ معنيٰ رکندڙ آهي، ڇو ته اسان هلون ته 21
هين صدي ۾ ٿا پر اسان جا ذهن اڃا پٺتي آهن، ڪابه ترقي نه ٿي
رهي آهي، اسان ڪافي پٺتي رهجي ويا آهيون. هاڻي اسان کي پاڻ ۾
تبديليون آڻڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسڪول به Buildup ٿئي ٻار به
Buildup ٿئي ته جيئن قوم کي سٺي شيءِ ملي، دادو جي رهواسڻ رضيه
پروين پنهور جو چوڻ هو ته استادن لاءِ اهڙيون Training ٿيڻ
گهرجن. ٻارن مٿان ڪا زبردستي نه هلائڻ گهرجي ۽ نه وري انهن کي
مارڪٽ ڪئي وڃي. ٻارن کي صرف پيار محبت سان پڙهائڻ گهرجي، اڪثر
ڏٺو ويو آهي ته استاد ٻار کي صرف پنهنجي مرضي مطابق هلائيندو
آهي، اهو نه ڏسندو آهي ته ٻار ڇا ٿو چاهي هو ڪهڙي نموني سان
سمجهي سگهي ٿو پر استاد ٻار مٿان پنهنجي مرضي زبردستي هلائڻ جي
ڪوشش ڪندو آهي، انهي ڇوڪري ۽ ٻار اندر هڪ خوف جنم وٺندو آهي،
جنهن سان هر وقت استاد کان ڊڄندو آهي ۽ هو استاد کان ڪجهه پڇي
نه سگهندو آهي، جيڪڏهن اسان اهو خوف ٻارن مان ختم ڪريون ته
جيئن انهن ۾ Confidence پيدا ٿي سگهي. اها ننڍڙي ڪوشش ئي اسان
جي ڪاميابي بڻجي سگهي ٿي. مان سمجهان ٿي ته مان جنهن ڏينهن به
هتان واپس پنهنجي ڳوٺ وينديس ته پنهنجي پاڻ ۾ ڪافي تبديلي
محسوس ڪنديس. ڳالهه صرف اها ناهي ته اسان وٽ سنڌ ۾ تعليم بابت
ريسرچ ڇو نه ٿي آهي پر ڳالهه اها به آهي ته اسان وٽ ماسترياڻين
کي پڙهائي جي حوالي سان جديد تربيت کان تمام پري رکيو ويو آهي،
ان جو ڪارڻ سماجي پسماندگي هجي يا ٻيو ڪجهه... پر اسان کي جديد
گهرجن ۽ لاڙن موجب سامهون ايندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ
ڇوڪرين جي تعليم توڙي کين پڙهائيندڙ ماسترياڻين جي جديد تربيت
کي عملي جامو پهرائڻو پوندو.
|