مشرف جو وردي لاهڻ وارو واعدو ڪڏهن پورو ٿيندو (مضمون ) |
|
اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڪنهن سان به نه رهائي! ذوالفقار قادري
1965ع ۾ هو موڪل تي آيل هو ۽ واپس ڊيوٽي جوائن نه پئي ڪرڻ چاهيائين ۽ غير حاضر رهڻ ڪري سندس ڪورٽ مارشل ٿيڻ تي هو ته، مٿان پاڪ_ ڀارت جنگ ڇڙي پئي ۽ پرويز وڃي پنهنجو يونٽ جوائن ڪيو، اهڙي طرح هو فوج مان نڪرندي نڪرندي بچي ويو. جنگ بعد کيس پروموشن ڏئي ميجر بڻائي اسپيشل سروس گروپ ۾ ڪمانڊو بٽالين ۾ انسٽريڪٽر طور موڪليو ويو. 1971ع واري جنگ ۾ پرويز مشرف مغربي محاذ تي هڪ ڪمپني جي ڪمانڊ ڪئي بعد ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 1988ع ۾ برگيڊيئر رينڪ تي پهتو، انهن ڏينهن ۾ هن جي جنرل ضياءَ جي بطور ملٽري سيڪريٽري ٿيڻ جي به گهر ٿي، پر سندس سينيئر آفيسر جنرل فرخ اهو پروپوزل رد ڪرائي ڇڏيو ۽ پرويز مشرف جي جاءِ تي برگيڊيئر نجيب کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو پوءِ جنرل ضياءَ سان گڏ فضائي حادثي جو شڪار ٿيو. ان بعد وري مشرف جو پروپوزل ملٽري سيڪريٽري طور وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه(شهيد) سان ٿيو، جيڪو وري محترمه رد ڪيو. ڪجهه عرصي بعد کيس ميجر جنرل طور ترقي ڏئي آرمرڊ ڪور جي ڊويزنل ڪمانڊ ڏني وئي. هو جڏهن ليفٽيننٽ جنرل بڻيو ته کيس پاڪستان جي هٿياربند فوج جي اهم اسٽرائيڪ ڪور منگلا جي ڪمانڊ ڏني وئي. جڏهن وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل جهانگير ڪرامت وچ ۾اختلافن جي نتيجي ۾ جهانگير ڪرامت استعيفيٰ ڏني ته، نواز شريف موسٽ سينيئر ليفٽيننٽ جنرلن علي قلي خان، خالد نواز ۽ رحمدل ڀٽي کي سپر سيڊ ڪري جنرل پرويز مشرف کي آرمي چيف مقرر ڪيو، جيڪو اڳتي هلي 12 آڪٽوبر 1999ع تي نواز شريف حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻيو. اڳوڻو صدر پرويز مشرف پاڻ کي هميشه ڪمانڊو ۽ روشن خيال سڏائيندو هو، مشرف جڏهن آرمي چيف هو تڏهن مهم جو ئي شروع ڪندي هن ڪارگل محاذ تي جنگ ڇيڙي ڏني، پر سندس اها مهم جو ئي ناڪام ثابت ٿي ۽ ملڪ جو نقصان ٿيو. آخر آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي مداخلت بعد اها جنگ بند ٿي، مشرف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان ڪشمير پاليسي تي يوٽرن ورتو ۽ پهريون دفعو جهادي تنظيمن جا دفتر ۽ فنڊ بند ٿيا. اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڪنهن سان به نه رهائي، نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري هن کيس گرفتار ڪرائي قيد تنهائي ۾ رکيو، بعد ۾ جهاز اغوا ڪيس داخل ڪرائي ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي هٿڪڙيون هڻي ڪورٽن ۾ آندو ويو ۽ نواز شريف کي سزا ڏياري وئي، پر جلد ئي عرب ملڪن جي ٽياڪڙي بعد نواز شريف خاندان سميت سعودي عرب جلاوطن ڪيو ويو. پرويز مشرف پنهنجي سياسي مخالفن سان تمام سختي سان پيش آيو. پرويز مشرف اقتدار جي نشي ۾ ڪيترو وقت ائين به چوندو رهيو ته، جيستائين مان آهيان تيستائين بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جو ڪو سياسي ڪردار ناهي. پرويز مشرف جي دور ۾ بلوچستان آپريشن دوران هزارين بلوچ شهيد ٿيا ۽ سوين گم ڪرايا ويا. هن بلوچن ۽ خاص طور نواب اڪبر بگٽي لاءِ چيو ته کيس خبر به نه پوندي ته ڪٿان نشانو بڻايو ويو. بلوچستان ۾ نواب اڪبر بگٽي، مير بالاچ مري سوڌو ڪئين بلوچن جي موت جو ذميوار اڳوڻي صدر مشرف کي قرار ڏنو ويو. نائن اليون واري واقعي بعد آمريڪي وزير خارجه ڪولن پاول جي هڪڙي فون تي هن سندس آڏو هٿيار ڦٽا ڪري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هو آمريڪا جي دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ ۾ خوب استعمال ٿيو. هن جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪئين قومپرست سياسي ڪارڪن خفيه ادارن هٿان گم ٿيا جيڪي هاڻ آهستي آهستي ظاهر ڪيا پيا وڃن.اڳوڻي صدر پرويز مشرف سياسي جماعتن کي ٽوڙڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ پڻ ڪئين حربا هلايا، هن بنيادي جمهوريت ۽ اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ واري نعري هيٺ ناظمن وارو نظام متعارف ڪرايو. جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي رليف ته نه مليو پر ماڳهين عوام جا مسئلا وڌي ويا. هن پ پ پ ۽ نواز ليگ جي طاقت ٽوڙڻ لاءِ پڻ ڪم ڪيا ۽ پنجن وزيراعظمن کي حلف کڻائڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. هن جي دور ۾ ميڊيا ترقي ڪئي، ڪئين نوان ٽي وي ۽ ريڊيو چينل کليا پر اها ئي ميڊيا مشرف جي اقتدار جي خاتمي جو سبب بڻي. اڳوڻي صدر کي عدليه سان اٽڪايل مهاڏو مهانگو پيو، جنهن مسئلي سياسي جماعتن، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائيٽي جي تنظيمن کي متحرڪ ڪيو. جنهن جو فائدو سندس سياسي مخالفن کي ٿيو. پرويز مشرف جي ئي دور ۾ ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ راڻي جي شهادت جو واقعو پيش آيو ۽ هن جي قتل جون آڱريون به پرويز مشرف مٿان کڄنديون رهيون آهن. مشرف جي استعيفيٰ سان هڪ آمر جو دور پورو ٿيو. |