| ~ |
|
ججن جي بحاليءَ جو بحران، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جون مشڪلاتون! ڊاڪٽر ايوب شيخ اڄڪلهه دبئي لاڙڪاڻي کان گهٽ گرم آهي. تعميرات کان ويندي هر قسم جون سرگرميون عروج تي آهن. ڪراچي جا ڪيترائي تعميراتي سرمائيدار ملڪ جي سياسي ڪمزوري کي محسوس ڪندي اربين رپين سان سلهاڙجي هيڏانهن آيا آهن. اهي ڪهڙا ملڪ جا سڄڻ چئبا، جو حالتون خراب هجن ته ٽاهه ڏين ۽ سڻائو واءُ ڏسي وري واپس ٿين. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ جو قانون ان قسم جي سرگرمي تي شروع کان خاموش آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هتي سياست به عروج تي هئي.ساڳيو ججن جو مامرو ۽ ان جي طئي ٿيڻ جا معاملا هتي پڻ ڊسڪس ٿي لنڊن پهتا. لنڊن به موسمي توڙي سياسي حساب سان گرم ئي رهيو.اتان وري ليڊرشپ ڪنهن فيصلي ڪرڻ کان اڳ واپس ملڪ پهتي آهي. ميان نواز شريف پنهنجي ”ڊبل سياست“ وسيلي ”سرڪار ۾ آهي به، ناهي به“ واري حالت تي بيٺو آهي. پ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جيڪا ڳالهه چوڻ چاهي ٿو اها ان نموني عوام تائين نه ٿي پهچي، جيئن پهچڻ گهرجي. اوچتو ئي اوچتو صحافت مٿان نون پهرن ۽ ان لاءِ زرداري صاحب جي واضح ترديدن جون ڳالهيون پڻ عام ٿيون آهن. ڄڻ ته هڪڙي باهه آهي جيڪا مختلف هنڌن تي ٻري ٿي، ڪڏهن ڪٿي ٿي ڀڙڪو کائي، ڪڏهن ڪٿي. آصف علي زرداري وري پاڻ ان ڀڙڪي کي محسوس ڪندي ان جي ترديد ڪري ٿو، پر جيڪڏهن ان ڀڙڪي کي محسوس ئي نه ڪري ته ان باهه جي ڄر خبر ناهي ڪيئي حساب ڇڏائي ڇڏي. سو ملڪ جي سياست جو نقشو ڪٿي بيٺو آهي؟ ميان نواز شريف جي ڪابينا مان وڃڻ شرط ڪرندڙ ۽ مرندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ وري مثبت تبديلي ڪيئن اچڻ شروع ٿي آهي؟ ان ۽ ان سان گڏ ٻيا ڪيترائي سوال آهن پر اهي ڳالهيون شروع ڪرڻ کان اڳ سنڌ جي ڪجهه آفيسرن جي ان اي ميل جي باري ۾ اوهان سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو، جن لکيو آهي ته ”ڪانٽريڪٽ تي جيڪي به ملازم ڪڍيا ويا آهن، انهن مان ڪي خاص جن کي ڪجهه ٻين جي حمايت حاصل آهي، سي اڃا تائين ويٺا آهن.“ هو لکن ٿا ته، ”جڏهن سنڌ جي وڏي وزير جي سندي نياڻي پڻ سندس ئي قانون هيٺ تبديل ڪئي وڃي ٿي ته سنڌ جي زمينن جي اربين ضربيان اربين رپين جي زمينن سان ناحق ڪندڙ اڃا تائين ڇو ويٺا آهن؟“ ممڪن آهي ته سرڪاري تاخير جي ڪري اهي ڪم ٿيا هجن پر جيڪڏهن اها مشق جاري آهي ته اها بنا دير ختم ٿيڻ گهرجي. هاڻي اچو سياسي نقشي تي...... ميان محمد نواز شريف مسلم ليگ نواز جو سربراهه جيڪو پنجاب ۾ سرڪار جوڙي ويٺو آهي، مرڪز ۾ پ پ پ سرڪار جو اتحادي آهي، تازو هن پنهجا 15 وزير ڪابينا مان ٻاهر ڪڍي عوام کي ججن جي باري ۾ پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو آهي. اتحادي هجڻ جي ڪري هو سرڪار نٿو سڏائجي، نه ئي وٽس واڳ آهي. ان ڪري سرڪار ۽ ان جي هلائڻ جي سمورن لوازمات لاءِ جيڪي به دٻاءَ آهن، سي پ پ پ کي برداشت ڪرڻا آهن، هن مٿان نه آهن. ان ڪري ڪنهن به نقصان کان بچڻ لاءِ هو اهڙي واٽ وٺڻ لاءِ آتو آهي، جنهن ۾ هن مٿان ڪي به ڇنڊا نه پون ۽ تبري توڙي تنقيد جو سمورو بار به هن مٿان نه پوي. عام راءِ هيءَ آهي ته هو ”حال“ بدران ”مستقبل“ جي سياست ڪرڻ لاءِ ايئن ڪري رهيو آهي. سندس ان سياسي راند جي ڪري عام گمان اهو آهي ته هو چاهي ٿو ته، ”ڀلي پ پ پ غلطيون ڪري ۽ هاڻوڪو اندريون ۽ ٻاهريون دٻاءُ برداشت ڪري ته جيئن هو ايندڙ سيٽ اپ ۾ تازو توانو ٿي سامهون اچي.“ ميان نواز شريف جو شايد اهو خيال ان ڪري جڙيو آهي ڇو ته هو دلي طور سمجهي ٿو ته انهن حالتن ۾ ججن کي بحال نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ان موضوع جي باري ۾ جيڪي به مسئلا وڌن يا ڳالهه ٿئي ته اها پ پ پ ئي برداشت ڪري. هو هڪ اهڙي اتحاد جو جُز آهي، جنهن ۾ هو نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ قطعي تيار ڪونهي. مثال طور هو پنجاب ۾ سرڪار هلائڻ ۽ اتي 12 سالن کان پنهنجي ڪمزور گرفت کي ٻيهر منظم ڪرڻ جو خيال رکي ٿو، پر هو پنجاب سرڪار مان نڪرڻ جو حامي ناهي ڇو ته سرڪار مان نڪرڻ کانپوءِ هن جا جيڪي به مسئلا ٿيندا، ان سان منهن ڏيڻ لاءِ وٽس نه وقت ٿو بچي ۽ نه ئي هو هن ماحول ۾ مخالفت برداشت ڪري سگهي ٿو.ميان صاحب اڄ اهڙي ڏاڪي تي موجود آهي، جتي هن کي پ پ پ جي ان مجبوري جو احساس آهي ته اهي ڪنهن به حالت ۾ ”قائد ليگ“ جا اتحادي نه بنجندا، ان ڪري هن جي سموري سياست ”سانون ڪي“ واري محور جي چوڌاري ڦري رهي آهي. مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته هن پاران ڪابينا مان نڪرڻ جي ڪري گهڻي خوشي صدر مشرف، قائد ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کي ٿي رهي هوندي پر ميان صاحب ان ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ته انهن عنصرن کي خوش رکڻ ۾ هن جو ڪيڏو هٿ آهي؟ هو ججن جي مامري کي جذباتي انداز سان ميڊيا جي مدد سان کڻي رهيو آهي پر هوشمند طريقي سان انهن جي بحالي جي باري ۾ ” ٿيڻ ڇا گهرجي“ جهڙي ڳالهه ٻڌائڻ کان قاصر آهي. ميان صاحب کي پ پ پ جي ميڊيا نااهلي جو پڻ شدت سان احساس هوندو، جنهن پارٽي وٽ هن مٿان ڪي به جائز تنقيدون ڪرڻ جو رواج پيل ناهي. آصف علي زرداري جڏهن کان هن پارٽي جي واڳ سنڀالي آهي، تڏهن کان هن مختلف مامرن کي پنهنجي انداز سان نڀائيندي عوام ۾ بي پناهه ساک وڌائي آهي.هن جي آڏو وزارتِ عظميٰ جو معاملو هجي يا گرفتار ججن جي آزادي جو، ميڊيا جي آزاي جي ڳالهه هجي يا پنهنجي پاران ايم اين اي نه ٿيڻ ۽ وزير اعظم ساڳيو ئي رهڻ جي ڳالهه ان ۾ هن جيڪي فيصلا ڪيا آهن، تن هن جي بصيرت کي مشهور ڪيو آهي. نئين ديري ۾ ”ڀٽو اسٽيٽ“ ۾ هارين مٿان 50 لک قرض معاف ڪرڻ کان ويندي سندن سماجي حالتن کي بدلائڻ جو عزم پڻ سندس شخصي ظرف کي ظاهر ڪري ٿو. هو جڏهن ٽي وي انٽرويوز ۾ پنجن رپين ۾ هڪ نان جي ڳالهه ڪندي مهانگائي کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اها ججن جي بحالي واري گوڙ ۾ گم ٿي وڃي ٿي. جڏهن پ پ پ جو ترجمان فرحت الله بابر ”گم ٿيلن جي باري ۾“ پارٽي جي پاليسي بيان ڪندي سرڪار جي کنيل قدمن جي ڳالهه ڪري ٿو ته اها پڻ ان ساڳئي شور ۾ گم ٿي وڃي ٿي. سنڌ ۾ هڪ گم ٿي ويل ڊاڪٽر صفدر سرڪي آزاد ٿي گهر اچي ٿو پر ان گوڙ ۾ بدستور اضافو ٿيندو وڃي ٿو. ان ئي شور ۽ گوڙ ۾ آصف علي زرداري ٻه ڳالهيون ڪري ٿو ته، ”آئين ۾ هڪ پيڪيج کانسواءِ ججن جي بحالي ڪي به وڏا اثر نه ڇڏيندي.“ سندس ٻي ڳالهه وري به اها آهي ته ”ججن جي بحالي ضروري آهي پر عوام جن اهم ترين مامرن ۾ منجهيو پيو آهي، ان جي باري ۾ به ڪي اهم قدم کڻڻ ضروري آهن.“ اچو ته آصف علي زرداري جنهن هنڌ بيٺو آهي، ان جو جائزو وٺئون: (1) هڪ پاسي کيس صدر مشرف جي انهن سازشن سان مقابلو ڪرڻو آهي، جيڪو (پ پ پ ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهن جي معرفت) اندران ئي اندران کاٽ هڻي زبردست گوهيون ڏئي رهيو آهي. مزي جي ڳالهه ته هن جي خاموشي ۽ ”منهنجو ڇا وڃي“ وارو رويو پڻ معنيٰ خيز ٿي ويو آهي. (2) ٻئي پاسي هن کان شعوري يا لاشعوري طور جيڪو ”ڌرتي ڌڻين“ وارين پارٽين تي ٻڌل غير معمولي اتحاد ٿي ويو آهي، ان جي بچاءَ لاءِ پڻ هن کي ڪوششون ڪرڻيون آهن. ان اتحاد جي ثمرات جي باري ۾ اڪثر پيپلزپارٽِي نه رڳو خاموش آهي پر انهن کي خبر به گهٽ آهي ته اهي ”ڌرتي ڌڻين جا اتحاد“ اصل ۾ ڪيڏا وڏا معرڪا آهن. پ پ پ کي اهي خبرون نه هجڻ جي ذميداري به زرداري تي عائد ٿي سگهي ٿي. (3) هن جي اندروني ۽ دلي خواهشن جي ابتڙ هن کان بيروني طور ۽ بي دليءَ سان اهي ڪم ورتا پيا وڃن، جن جي باري ۾ هن اعلان هڪڙا ۽ عمل ٻيا ڪيا آهن. مثال طور هن عدالتن جي باري ۾ صاف پاليسي بيان ڪئي، ججن جي بحالي جي باري ۾ مڪمل چٽو بيان ڏنو پر عوام جو خيال آهي ته آصف علي زرداري کي ”مري ڊڪليئريشن“ ۾ 30 ڏينهن ۽ پوءِ نواز شريف کي 12 ڏينهن واري ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته عوام پنهنجي ليڊرشپ جي ”قول ۽ فعل“ واري فرق کي جذباتي انداز سان ڏسي ٿو. (4) ملڪ جي اندروني معاملن جي باري آمريڪا جو پاڪستان سان رويو حاڪم ۽ محڪوم وارو آهي. افعانستان ۽ ”دهشتگردي“ جي باري ۾ پاڪستان جو ”اڳواڻ رياست“ وارو ڪردار انهن سورن ۾ اضافي جو سبب بنيو آهي، پر ان لاءِ موجوده سرڪار کي عوام کي ان باري ۾ مڪمل باخبر رکڻ ضروري آهي. مٿين ڳالهين جي روشني ۾ هڪ پاسي سندس اتحادي، ٻئي پاسي سندس مخالف، ٽئين پاسي ججن جو مسئلو، چوٿين پاسي ملڪ اندر مهانگائي سميت بيروزگاري جا شديد مامرا، پنجين پاسي صدر مشرف ۽ ڇهين پاسي آمريڪي پريشر موجود آهن. انهن سمورن کي گڏ ڪري ميڊيا جا ڪجهه حصا آصف علي زرداري خلاف ان ساڳئي ”ميڊيا ٽرائيل“ جو حصو بنجي رهيا آهن، جيڪو 20 ورهين کان هن جي خلاف شروع آهي. ڪڏهن کيس ”قائد ليگ“ جو اتحادي بنائڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري سندس خلاف اميج اهو ٿو پيش ڪيو وڃي ڄڻ ته هو ميڊيا توڙي عدليه جو مخالف آهي. هن پاران مختلف انٽرويوز ۾ انهن سمورن دٻائن خلاف ڪوشش ۾ ڪاميابي مس ٿئي ٿي ته مٿان وري نوان قصا ۽ ڪهاڻيون سندس خلاف ميدان ۾ آهن. سرڪار به هلائجي ۽ سڀني سان منهن به ڏجي، ان لاءِ هن جون مجموعي حڪمتون تيستائين ڪامياب نه ٿينديون، جيستائين آمريڪا ۾ ڊسمبر ۾ انتظامي تبديليون نه ٿيون اچن ۽ ان کان اڳ ججن جي باري ۾ ان آئيني پيڪيج واري ڳالهه سامهون نٿي اچي. معزول ڪيل جج قانوني طور جج ڪيئن بحال ٿين؟ انهن جي بحالي جي باري ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟ ڪهڙا طريقا کين بحال ڪرائي سگهن ٿا؟ پيپلزپارٽي سرڪار کي ”قابلِ تنقيد“ بنائي اصل ۽ لڪل طريقي سان ڪنهن کي خوش ڪيو پيو وڃي؟ جيڪڏهن ججن واسطي سنڌ ۾ مظاهرن تي ڪو به رياستي تشدد نه ٿو ٿئي ۽ ان جي ابتڙ پنجاب ۾ ٿئي ٿو يا پنجاب ۾ ٺاپر ۽ سنڌ ۾ ان باري ۾ شورش وڌي ٿي ته ان جا ڪهڙا اثر نڪرندا؟ پنجاب صوبي جي حدن ۾ يا اسلام آباد جي وفاقي گادي وارين حدن ۾ پوليس جي الڳ الڳ روئي جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟ ان جي فائدن ۽ نقصانن جي باري ۾ پڻ سوچيو هوندو. ايندڙ تحريڪ ڪيئن هلائجي ۽ جيڪڏهن سرڪار ڪو آئيني پيڪيج ڏئي ٿي ته ان باري ۾ معاملي کي حل ڪرڻ ڏانهن وک وڌائجي يا اڃا به صورتحال خراب ڪجي؟ اهي ۽ ٻيا اهڙا سوال آهن، جن تي وڪيل اڳواڻن ضرور سوچيو هوندو. انهن سوالن ۾ ڪيئي اهڙا قانوني مسئلا آهن، جن جي اسان قانون کان اڻڄاڻ ماڻهن کي ذرو به خبر نه هوندي. ان ڪري اسان جا سوال به گهڻو ڪري قانون کان خارج هوندا. مثال طور هر ڀيري ججن پاران آمريتن جي حمايت جا رستا روڪڻ جا ڪهڙا اوزار آهن؟ ٻيو ته جج اڪثر ڪري هر ايندڙ فوجي آمر خلاف آئين جي آرٽيڪل نمبر 6 جي استعمالي کي نه رڳو روڪيندا رهيا آهن پر انهن آمرن جي تاجپوشي ۾ بهرو ورتو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ”جيڪڏهن جج بحال ٿي وڃن ته انهن پاران ايندڙ ڪنهن به آمريت کي روڪڻ لاءِ ڪو آئيني پيڪيج به هجڻ گهرجي يا نه؟“ ججن جي بحالي لاءِ هڪ سوال انهن هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کان به ٿيڻ گهرجي، جيڪي هڪ سال جي عدالتي گهوٽالي وچ ۾ بنا دير جج بنايا ويا. ڇا اهو مناسب نه ٿيندو ته انهن ججن مان ڪجهه پاڻ کي رضاڪاراڻي نموني پيش ڪري جج جي حيثيت کان الڳ ٿي وڃن ته جيئن ”جج ڪيترا هجن؟“ وارو سوال به حل ٿي سگهي. شيطان جو قصو ۽ پاڪستان هڪ دفعي شيطان سان ڪنهن شڪايت ڪئي ته هن جي ڪري دنيا ۾ گهوٽالا آهن. ماڻهو بک پيا مرن، مهانگائي زورن تي آهي. هن جي شيطاني ڪرت جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. شيطان خاموشي سان اها ڳالهه ٻڌي شڪايت ڪندڙ کي چيو ته ”هو ڪجهه به نه ٿو ڪري، سڀ ڪجهه پاڻ ئي پيو ٿئي.“ هن مثال پيش ڪندي شهر جي هڪ ڀت تي ماکي هڻي پاڻ خاموش ٿي ويو. ان ماکي تي مکيون آيون، مکين کي مارڻ لاءِ ڪرڙي آئي، ان لاءِ ٻلي ۽ ان پٺيان ڪتو آيو، ڪتو ڪنهن قبيلي جي سردار جو هيو، ان جا ڪمي آيا، انهن ۾ جهيڙو ٿيو، هڪ مري ويو ٻيو ڦٽجي پيو، ڳالهه پوليس تائين پهتي. پوليس وارا هڪڙي قبيلي جي سردار جا حامي ته ٻيا وري مخالف، ايئن پوليس ۾ جهيڙو ٿيو ان جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ فوج اچي وئي. شيطان شڪايت ڪندڙ کي چيو، ڏس! مون ڪجهه به ڪيو؟“ شايد پاڪستان سرڪار کي اهو شيطان ڳولڻ جي ترڪيب هٿ ۾ نه آئي آهي. |