نواز ليگ وارن سعيد الزمان کي صدارتي اميدوار ڇو بيهاريو؟

سهيل ميمڻ

                ائين قطعي ناهي ته آصف زرداري صرف پيپلز پارٽي جي حلقن جي زور تي صدارت جي عهدي لاءِ راضي ٿيو آهي. صاف ظاهر آهي ته ملڪ جي ان وڏي ۾ وڏي عهدي تي ويهڻ لاءِ کيس امريڪا، اسٽيبلشمينٽ ۽ هر انهيءَ قوت جيڪا هن ملڪ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح پاور فارمولا ۾ حصو رکي ٿي، ”اوڪي“ ڪيو آهي، نه ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ته آصف زرداري ان ”اوڪي“ کانسواءِ صدارت جي عهدي لاءِ ها ڪري ها. لڳي ٿو ته مشرف بعد به سندس پاليسيون جاري رهنديون ۽ آصف زرداري سندس ئي ڪرسي تي ويهي ڪجهه ننڍيون وڏيون ترميمون ڪري اهي پاليسيون جاري رکندو. ميان نواز شريف پاران آصف زرداري لاءِ ڏوراپا ۽ ميارون ته پنهنجي طبيعت خلاف پهريون ڀيرو آصف تي اعتبار ڪيم، پر هن وفا نه ڪئي. هن اهو به چيو ته آصف زرداري هر دفعي سندس اعتماد کي ڌڪ رسايو آهي. اصل ۾ اها ڳالهه صاف آهي ته مسلم ليگ نواز جو قائد ميان نواز شريف ملڪ ۾ واحد ماڻهو آهي جنهن تي آئين ۾ مشرف جي ترميم ڪيل اها شق لاڳو ٿئي ٿي ته ”جيڪو به پاڪستان جو ٻه ڀيرا وزير اعظم رهيو هجي، اهو ٽيون ڀيرو وزير اعظم نٿو ٿي سگهي. ان پوائنٽ، نقطي ۽ شق جي طاقت ۽ اهميت کان آصف زرداري چڱي ريت واقف آهي. هوڏانهن مسلم ليگ نواز اصل ۾ ججن وارو معاملو شدت سان کنيو ۽ ان سان گڏوگڏ آئين ۾ ترميم وارا معاملا به کنيا. جيتوڻيڪ سندن سڌو مطالبو ۽ پهريون مطالبو جج ئي آهن پر سندس اصل ٽارگيٽ وري به آئين جي اها ترميم ختم ڪرائڻ آهي، جيڪا نواز شريف جو وزير اعظم ٿيڻ وارو ڪيريئر ختم ڪيو بيٺي آهي. اها ترميم پ پ نواز ليگ اتحاد ئي ختم ڪري سگهيو پئي، جو کين اسيمبلي ۾ اڪثريت ۽ ترميم ڪرڻ جي گڏيل طاقت حاصل هئي. يا وري چوڌري افتخار جي صدارت ۾ سپريم ڪورٽ بحال ٿئي ۽ اها مشرف جا اهي قدم ختم ڪري، پر اهي ٻئي صورتون نظر نه ٿيون اچن. نه آصف زرداري اهڙو ڪم ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر پيو اچي، نه سپريم ڪورٽ چوڌري صاحب جي اڳواڻي ۾ بحال ٿيڻ جي پوزيشن ۾ نظر پئي اچي. نظر ائين پيو اچي ته هن ملڪ جا اصل واڳ ڌڻي به اهي ٻئي ڪم ڪرڻ جي پوزيشن يا موڊ ۾ ناهن، نه صرف اهو، پر هاڻي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته آئين مان صدر کي مليل اسيمبلي ٽوڙڻ وارا اختيار به ختم نه ٿيندا. 58 (ٽو) بي وارا اهي اختيار ساڳيا ئي رهندا ۽ آصف زرداري هن ملڪ جو پاور فل صدر ٿي ويهندو. جيتوڻيڪ ملڪ ۾ سياسي پارٽيون مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻيون ڌريون گڏجي هڪ طاقت ۾ هيون، ۽ هو جيئن وڻين تيئن ڪري پئي سگهيا، پر ائين ٿيندو نظر نه پيو اچي. اسٽيبلشمينٽ هارائي به کٽيل پئي نظر اچي.

                اصل ۾ مسلم ليگ نواز جي مذهبي قوتن ڏانهن ويجهڙائپ، جهادي قوتن جي عملن جي مذمت نه ڪرڻ، آمريڪا ڏانهن ڪجهه غير لچڪدار رويو ۽ ان سان ملندڙ سندس ٻيا عمل ان کي ملڪ جي موجوده حالتن ۾ ناپسنديده نه، ته به گهٽ پسنديده قرار ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن پيپلز پارٽي يا آصف زرداري سان عوامي نيشنل پارٽي جو گڏ بيهڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر مولانا فضل الرحمان ۽ متحده قومي موومينٽ جو ساڻس گڏ بيهڻ ٻڌائي ٿو ته پيپلز پارٽي ۽ آصف زرداري سان اصل واڳ ڌڻين جو به راضپو آهي. مسلم ليگ (ن) پاران پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين واري اتحاد کان الڳ ٿيڻ جي ڪري مسلم ليگ (ن) پاران ملڪ جي صدر جي عهدي لاءِ رٽائرڊ جسٽس سعيد الزمان صديقي کي پنهنجو اميدوار بيهاريو آهي. مون مشرف جي استعيفيٰ کان به هڪ ڏينهن اڳ يعني 17 هين آگسٽ تي ”ڪاوش“ ۾ ڇپيل پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو هو ته مسلم ليگ نواز جو صدارتي اميدوار جسٽس سعيد الزمان آهي ۽ ان لاءِ اندروني طور مسلم ليگ وارن نه صرف ورڪ شروع ڪري ڏني آهي، پر لابنگ لاءِ هڪ ايڊورٽائيزنگ ايجنسي به بڪ ڪئي آهي، جيڪا سندس شخصيت کي پاپولر ڪندي. هاڻي مسلم ليگ نواز جڏهن آصف زرداري جي صدارت تي اعتراض ڪندي اهو چئي رهي آهي ته هن ساڻن وفا نه ڪئي، ان لاءِ سندن رستا جدا آهن ۽ هو صدارت لاءِ پنهنجو اميدوار ان لاءِ پيا بيهارين جو آصف زرداري ساڻن نه نڀايو. ڪير انهن کان پڇي ته آصف نڀايو يا نه، پر هو ته مشرف جي استعيفيٰ کان به ٻه ڏينهن اڳ پنهنجو صدارتي اميدوار طئي ڪري ويٺا هئا. نه صرف طئي ڪري ويٺا هئا، بلڪه سندس لابنگ لاءِ ايجنسي به هائر ڪئي هئائون. پوءِ ان مان ظاهر آهي ته سندن نيت ڪهڙي ۽ ڇا هئي؟ سعيد الزمان صديقي جا مسلم ليگ (ن) ۾ مقبوليت جا ٻه سبب آهن. هڪ اهو ته سندس ٻن مان هڪ گهر واري جيڪا ڊاڪٽر ناهي، سا مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ آهي ٻيو ته جسٽس سجاد شاهه واري سپريم ڪورٽ جهيڙي ۾ جسٽس سعيد الزمان جو نواز شريف سان بيهي سجاد شاهه کي عهدي تان هٽائڻ ۾ مک ڪردار هو. جيئن ته جسٽس سعيد الزمان هن مهل جج نه، پر سياستدان آهي ان لاءِ ان جي شخصيت جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. سنڌين ڏانهن سعيد الزمان جو رويو ناپسنديدگي وارو رهيو آهي. سندس چيف جسٽس واري دور ۾ جج جي ڪنهن عهدي تي ته ڇڏيو، پر جوڊيشري جي ڪنهن هڪ نوڪري تي به سنڌي کي نه رکيو ويو. هن جي دور ۾ سنڌي ججن خلاف کل جهڙن ننڍن ننڍن الزامن تحت انڪوائريون ويهاريون ويون هيون. جسٽس سجاد شاهه ڪيس مهل ججز ڪالوني ۾ سندس بنگلو ئي نواز ليگ وارن جو سينٽر بڻيل هو. اسلام آباد جي صحافين ۾ جسٽس سعيد الزمان ميڊيا مخالف ماڻهون طور سڃاتو ويندو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪي بهاري اسٽاف ڀرتي ڪيو ويو، اها سندس ئي مهرباني آهي، جو سندس هڪ گهر واري بهاري آهي.

                مسلم ليگ نواز پاران جسٽس سعيد الزمان جي صدارتي اميدوار تحت نالو آڻڻ بعد پنهنجن هم خيال ميڊيا وارن، ڪالمسٽن، تجزيا نگارن کي سڏائي مٿن ذميواري وڌي وئي آهي ته هو آصف زرداري جي شخصيت جون ڌڄيون اڏائين ۽ سعيد الزمان جي شخصيت اڀارين. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ ٻن ايڊورٽائيزنگ ايجنسين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن جي مسلم ليگ نواز جي اڳواڻن سان باقاعده ميٽنگ پڻ ٿي آهي، جنهن ۾ باقاعده ايجنڊا رکي ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو ته آصف زرداري خلاف ۽ سعيد الزمان صديقي جي حق ۾ ڪهڙن ثبوتن، دليلن ۽ گواهين مان ڪم وٺجي.

                بهرحال پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جو اتحاد ٽٽڻ بعد هڪ ٻئي ڏانهن جيڪي جملا ميڊيا رستي موڪليا ويا آهن، انهن تي تبصرو ڪندي چئي سگهجي ٿو ته ”سياست عبادت آهي“ واري ڳالهه هاڻي پراڻي ٿي وئي. هاڻي ته آصف زرداري نواز شريف سان ۽ نواز شريف (اندر ئي اندر پنهنجو صدارتي اميدوار مشرف جي استعيفيٰ کان اڳ ئي تيار ڪرڻ سان) آصف سان سياست ڪري ويو. هڪ ٻئي سان سياست ڪرڻ واري گيم ۾ پلڙو آصف زرداري جو ڳرو آهي. راولپنڊي جي مري روڊ تي ”شهيد بينظير کا احسان آصف زرداري صدر پاکستان“ ۽ ”صدر پاڪستان آصف زرداري“ جا بينر لڳي ويا آهن. اسلام آباد جي ڪانسٽيٽيوشن ايونيو پيپلز پارٽي جي جهنڊي جي رنگ وارن وڏن وڏن بينرن سان سجي ويو آهي، جن تي نعرا آهن ته ”وعدي کا پکا، قول ڪا سچا آصف زرداري“ ۽ ايک آصف زرداري سب پي بهاري.“

memonsuhail@hotmail.com