|
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل قتل جو ذميوار ڪير آهي؟ نديم پنهور ڄامشوري مان لکي ٿو شعور جي ڌرتي ڄامشوري ۾ قائم سنڌ يونيورسٽيءَ هڪ اهڙي دردناڪ واقعي جو شڪار ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ ڳڀرو شاگرد پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو آهي ۽ سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي غير محفوظ محسوس ڪندي واپس ڳوٺن ڏانهن وڃڻو پيو. واقعي کان ڪجهه گهڙيون اڳ سنڌالاجيءَ جي سامهون انڊس هاءِ وي تي بجلي جي بريڪ ڊائون ٿيڻ خلاف شاگردن جي لڳل ڌرڻي دوران هڪ شاگرد تنظيم جي اڳواڻن پهچي کين ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران ڪجهه شاگردن درميان ڌرڻي ختم ڪرائڻ تان منهن ماري ٿي. جنهن جي ردِعمل ۾ بعد ۾ هاسٽل ڪئنٽين اندر شاگردن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو. جهيڙي دوران مبينا طور فائرنگ سان گڏ لوهي شيخن ۽ ڏنڊن جو پڻ استعمال ڪيو ويو، نتيجي ۾ عبدالنبي بروهي ۽ سندس ساٿي محمد بچل ناريجو سميت ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. عبدالنبي بروهي ۽ محمد بچل ناريجو کي ڄامشوري جي ايل ايم يو اسپتال ۾ آڻڻ بعد کين حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سوشيالاجي شعبي جي ٽئين سال ۾ پڙهندڙ شاگرد 23 ورهين جو عبدالنبي ولد جمع خان بروهي ساڄي پاسي ڪک ۾ گولي لڳڻ ۽ مٿي ۾ لوهي شيخون لڳڻ سبب زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. عبدالنبي جي قتل جو ٻڌي ردِعمل ۾ سندس ساٿي شاگردن احتجاج ڪندي ايمرجنسي وارڊ ۽ آءِ سي يو وارڊ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي عملي کي مارڪٽ ڪئي. يونيورسٽي ۾ شاگرد جي قتل کان پوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. بوائز هاسٽلن تي سخت سيڪيورٽي هجڻ باوجود نامعلوم هٿياربند اتي وقفي وقفي سان هوائي فائرنگ ڪندا رهيا. هاسٽلن جي مختلف ڪمرن ۽ ٻين هنڌن تي ڀڃ ڊاهه ڪندي سامان کي باهيون ڏنيون ويون، جنهن دوران هاسٽلن ۾ سخت خوف ۽ حراس وارو ماحول ڇانيل رهيو. سڄي رات هلندڙ ڇڪتاڻ دوران رينجرس ۽ پوليس جي وڏن اٽالن کي طلب ڪري کين هاءِ الرٽ ڪيو ويو، يونيورسٽي ڪئمپس ۽ هاسٽلن جي ٻاهران اهلڪارن کي مقرر ڪري گشت ۾ اضافو ڪيو ويو. ٻئي پاسي مڇريل شاگردن ڪالهه رات دير سان ۽ صبح جو سوير الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻندي هاسٽلن جي مک گيٽ سميت مڙني هاسٽلن جي دروازن جو ڪنٽرول پاڻ سنڀالي ورتو. اهڙي صورتحال جي ڪري سوين شاگرد هاسٽلن اندر يرغمال ٿيڻ سبب سخت خوف ۽ حراس ۾ ورتل هئا. جنهن بعد صبح جو وڌيڪ فورس طلب ڪري هاسٽلن جي مک گيٽ کولرائي لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو ويو. يونيورسٽيءَ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ بعد حراسيل سمورا شاگرد صبح جو رٿيل پيپر ڏيڻ بجاءِ هاسٽلون خالي ڪري ڳوٺن ڏانهن هليا ويا، جنهن سبب يونيورسٽي ڪئمپس۽ هاسٽلون مڪمل طور تي ويران ٿي ويون. هوڏانهن يونيورسٽي ۾ شاگرد جي قتل واري واقعي خلاف سپاف پاران 3 ڏينهن جي سوڳ ۽ بائيڪاٽ جي اعلان کان پوءِ رٿيل پيپر نه ٿي سگهيو، ڪئپمس ۾ نامعلوم هٿياربند وقفي وقفي سان فائرنگ ڪندا رهيا. يونيورسٽيءَ ۾ پهتل سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اوچتو ٿيل واقعي ۽ پيپرن جي بائيڪاٽ جي آگاهي ملڻ سبب سخت پريشاني ڏسڻي پئي، جيڪي ڪئمپس پهچڻ کان پوءِ خانگي گاڏين ذريعي واپس هليا ويا. يونيورسٽي انتظاميه پاران هنگامي طور تي اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪندي 5 ڏينهن تائين پيپرن جي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سان گڏ اجلاس ۾ واقعي جي جاچ لاءِ رجسٽرار جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي وقتي چانسلر ڊاڪٽر رفيعه شيخ چيو ته مادر علمي ۾ ٿيل واقعو انتهائي افسوس جوڳو آهي، مقتول شاگرد جي قاتل کي ڪنهن صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. ڄامشوري ٿاڻي تي مقتول شاگرد جي ويجهي عزيز ۽ يونيورسٽي ۾ ايم بي اي آخري سال جي شاگرد محمد اسحاق بروهي جي فرياد تي داخل ٿيل ڪيس ۾ 7 شاگردن امجد زرداري، اطهر سولنگي، عبدالله بليدي، زاهد مغيري، ابوبڪر مڱريو، ارشد حُليو، امير محمد ۽ 5 نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته يونيورسٽي جي ايس ڊبيليو او محمد رفيق بروهي کي پڻ جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ جهيڙي جو ڪارڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف شاگردن جي ڌرڻي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال ڄاڻايو ويو آهي. هوڏانهن ڄامشوري ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس جاچ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ايس پي جاچ غلام حسين مستوئي ڪاوش کي ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون ويون آهن، يونيورسٽي انتظاميه سان به گڏجاڻي ڪري حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. هن واقعي سبب مهراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت يونيورسٽي ۾ پڻ تدريسي عمل معطل رهيو، جنهن سبب مهراڻ يونيورسٽي ۾ رٿيل امتحان پڻ نه ٿي سگهيو. ٻنهي يونيورسٽين ۾ شاگردن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. هن وقت يونيورسٽيءَ ۾ رينجرز ۽ پوليس جا اٽالا مقرر هجڻ باوجود معمولي جهيڙن دوران خوني هٿيارن جو استعمال يونيورسٽي انتظاميه جي اناهليءَ جو به ڏس ڏئي ٿو. جهيڙي جو سبب ڇا به هجي، پر جيئن ته ڪنهن به اداري ۾ صورتحال کي پُرامن رکڻ جي ذميواري اتان جي انتظاميه تي هجي ٿي، ان ڪري قتل جي هن ڪيس ۾ ڀلي ڪير به نامزد ٿيا هجن، پر هن قتل جي انهن جوابدارن کان وڏي جوابداري سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا مٿان آهي. وقتي وائيس چانسلر رفيعه شيخ هن قتل تي ڪيترو به افسوس ڪري، پر رڳو افسوس ڪرڻ ڪافي ڪونهي، ڳالهه ذميواري محسوس ڪرڻ جي آهي. هتي خرابين جو سلسلو ان ڪري روان دوان رهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڪير به ذميواري محسوس نٿو ڪري، ڪير به اهو قبول نٿو ڪري ته ان جي انتظام هيٺ هلندڙ اداري ۾ جيڪڏهن ڪو درد ناڪ واقعو ٿئي ٿو ته اها ٻين سمورن سببن کان وڌيڪ هڪ انتظامي نااهلي آهي، ۽ اهڙين نااهلين تي ته ادارن ايستائين جو ملڪن جا سربراهه به ڪرسيون ڇڏي هليا ويندا آهن. خبر ناهي ته اسان وٽ اهڙي روايت ڪڏهن پوندي؟ هتي ريل حادثا ٿين ٿا ته ان ۾ سوين ماڻهن جي جان ضايع ٿيڻ کان پوءِ اخلاقي طور تي ريلوي جي وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، پر هو به فقط افسوس تي گذارو ٿو ڪري، ذميواري ۾ ڪوتاهي محسوس ڪندي وزارت تان الڳ نٿو ٿئي. ملڪ ۾ ماڻهو اٽي لاءِ پريشان هجن ٿا، پر ملڪي سربراهه پنهنجي ڪوتاهي محسوس ڪندي ڪرسيون ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونهن. اهو ساڳيو ئي ڪلچر آهي، جيڪو پوءِ ادارن ۾ به ملي ٿو، ڪنهن نوجوان جي زندگي ضايع ٿي وڃي ٿي، جنهن نوجوان بابت ان جي ماءُ پيءُ الائي ڪهڙا ڪهڙا خواب ڏٺا هوندا، پر افسوس جو اسان جا انتظامي سربراهه ان نقصان کي محسوس نٿا ڪن، جيڪڏهن هو محسوس ڪن ته رڳو روايتي افسوس نه ڪن، پر پاڻ کي به انهن جوابدارن ۾ شامل سمجهن، جن مٿان ڄامشوري ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيو آهي. |