|
ڏيهه ملهائيندو ڏياري، هيل به ڏڪار ۾ شنڪر ساگر
جڏهن ترتيا يُگ ۾ شري رام پنهنجي نگري ۾ چرڻ ڪمل گهمايا، تڏهن ماڻهن خوشي ۾ ايوڌيا جي هر گهر توڙي گهٽي ڪنوار جيان سينگاري، ڏيئا ۽ ڦٽاڪا ٻاري مٺائي ورهائي هئي. ان ڪري گهڻن ڏيئن ٻارڻ سبب هن ڏينهن تي ”ڏياري“ جو نالو پئجي ويو. اڄ تائين ان ڏينهن تي ڏيئن جي مڌم روشني سان گڏ ميڻ بتيون ۽ ڦٽاڪا ٻاري خوشي ملهائي ويندي آهي. يا ائين کڻي چئجي ته ڏياري تهوار آهي شعلن جو، جيڪي پنهنجي تجلن ۽ جلون جا انيڪ روپ ڌاري ماڻهو جي من ۾ جمنا جهڙي جلترنگ آڻڻ سان گڏ اندر کي به اُجرو ڪري ڇڏيندا آهن. ديوالي کي سنسڪرت ۾ ديپاولي، گجراتي ۾ ڏيواڙي ۽ سنڌي ۾ ڏياري چوندا آهن. شري رام اسان جي اڳيان جيڪو فرمانبرداري ۽ آگياڪاري جو ثبوت پيش ڪيو آهي،تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. جنهن پتا راجا دسرت جو سندس زال ڪيڪئيءَ سان ڪيل قول کي پورو ڪرڻ لاءِ چوڏهن سال بنواس ڀوڳڻ جو وچن پاڙيو. راجا دسرت اهو ڄاتو پئي ته پٽ رام کان سواءِ جيئڻ جنجال آهي پر رگهو ڪل جا ماڻهو جان کان وڌ ورتل وچن جي پالنا ڪندا آهن، جنهن لاءِ تلسيداس چيو آهي ته: رگهو ڪل ريت سدا چل آئي، پران جائي پر وچن نه جائي ان کانسواءِ سيتا ماتا پنهنجو ست ۽ سيل قائم رکي شيوا جو جيڪو آدرشي طريقو اپنايو آهي اهو به هڪ مثال آهي. سيتا ماتا پتيءَ رام کي بنواس لاءِ ويندو ڏسي محلن ۽ ماڙين ۾ رهڻ کان وڌ پنهنجي پتيءَ سان گڏ بن ۾ رهڻ پسند ڪيو ۽ لڪشمڻ ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي بنواس لاءِ اڪيلو ويندي ڏسي پاڻ سندن خدمت لاءِ انهن سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سچ پچ سيتا ماتا، رام ۽ لڪشمڻ جو طرز عمل اسان جي زندگي لاءِ مشعل راهه آهي. جيڪڏهن اڄ به اسان ۾ رام جهڙا آگياڪاري، سيتا جهڙيون پتي ورتا ۽ لڪشمڻ جهڙا شيواڪاري پيدا ٿين ته هوند هي دنيا مهڪي وڃي. ڏياري هڪ تهوار آهي، انهي ڏينهن مرد توڙي عورتون نوان نڪور ويس پائي هڪ ٻئي جي گھرن ڏانهن مٺايون موڪليندا آهن، انهن تهوارن جو مذهبي ۽ سماجي پس منظر توڙي جو هڪ اڪير ۽ احساس ڏياريندو آهي پر انهي کان وڌ اميد ۽ خواهش کي جنم ڏيندو آهي. جيڪڏهن جائزو وٺبو ته تهوارن جا وقت گهڻو ڪري بهارن جو اچڻ، فصلن جو لهڻ ۽ موسمي هوائن سان ڳنڍيل هوندا آهن، جيئن هولي بهار جو تهوار ۽ ڏياري فصل جي لهڻ وقت ملهايا ويندا آهن. ڪائنات جي حسين منظرن سان مالا مال ٿر جتي جي ريتن رسمن ۾ خوشي خوشحالي ۽ وصل جهڙا احساس شامل هوندا آهن. مارو ماڻهو جيڪي چوڏهين جي چنڊ جي ڀيٽ ڪنهن بنديا جي بجاءِ ٻاجهر جي ماني سان ڪندا آهن ۽ جن کي سرجڻ سان سور ستي ۾ ملندا آهن ۽ سامائڻ سان سک هليا ويندا آهن. جن جي ديس ۾ موت، وڇوڙو ۽ لڏي وڃڻ زيور جيان اهميت رکن ٿا،تن وٽ به اهي تهوار اچن ٿا. انهن تهوارن تي مارو ماڻهو راسوڙا ڳائي نچي ڪڏي،پينگهن ۾ لڏي پنهنجي سڄي سال جي محرومين، مايوسين ۽ قدرتي آفتن کي وسارڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. انهي سرور ۾ خبر ناهي ته اهي ماڻهواڳين سال جا زخم ۽ يادون وساري به سگهن ٿا يا وري نئين سال لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪن ٿا. هن سال وري بي رحم ڏڪار، لڏ پلاڻ، بيماريون ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا ٿر جي ماڻهن پنهنجي ڏٻري جيءَ سارو سٺو آهي. چونئري جي چوٽيءَ مان دونهين جي لار الائي ڪيترن گهرن مان نڪري سگهي آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته هڪ بي پرواهه بادشاهه ٻار جي خواهشن آڏو سندس جيجل ماءُ چلهه تي پٿرن جو ٻوڙ چاڙهي پنهنجي ممتا جي ٽڪري کي ڪوڙا دلاسا ڏيندي هجي يا چنڊ ڏيکاري ماني جي اميد ڏئي بکي پيٽ سمهاري ڇڏيو هجي پر اڄ اهو ٻار سمجهه ڀريو ٿي پيو آهي. هاڻي هو انگل آرا پسند يا ناپسند جو اسرار ڪري رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ ته ٿر اندر اها ڪهاڻي هر جڳ جي ڪهاڻي آهي ڇو ته انهي جي شاهدي لطيف سائين پنهنجي دور ۽ ان کان به اڳ جي حالتن جو اظهار پنهنجي هن بيت ۾ ڪيو آهي: جا عمر! تومل عيد، ساسُوءَ ورتي سومُرا، ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد، سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا. ڏياري ڏينهن تي اچو ته سڀئي گڏجي پنهنجي ايشور آڏو عرض ڪريون ته پالڻهار جيڪڏهن تون اهي تهوار اسان لاءِ آڻين ٿو ته اسان کي هنن تهوارن تي خوشيون ملهائڻ جي سگهه ڏي ۽ اها به سگهه ڏي ته ان ڏينهن تي ڪا به جيجل ماءُ پنهنجي ٻچي کي ڪوڙو دلاسو ۽ آسرو نه ڏي ته ايندڙ ڏياري تي تنهنجو بابا تو لاءِ اهي سڀئي سامان آڻيندو جن جي تو فرمائش ڪئي آهي. نه ته اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن اهي تهوار آڻڻا آهن ته اسان کان انهن تهوارن جي ساڃاهه کسي وٺ. باقي هاڻي برداشت جي سگهه نه رهي آهي. ڏٺي ڏياري ڏکُي ڏيئا ٻاريا، ور ويٺي هنج ۾،ڳوڙها پي ڳاريا، ٻارن پئي ٻاريا، ڳولي پنا پٽ تان |