نمائندن وٽان

زلزلي کي 3 سال گذرڻ باوجود متاثرن جي مڪمل بحالي ناممڪن بڻيل،ماڻهن جو احتجاج

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) 8 آڪٽوبر 2005ع تي تباهي آڻيندڙ زلزلي کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن پر تنهن هوندي به متاثر ٿيل ماڻهن جون شڪايتون ختم نه ٿيون آهن، زلزلو ايتري وڏي پيماني تي هو، جو هر ڪنهن جي مڪمل بحالي ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين ناممڪن آهي،  ريڪٽر اسڪيل تي 7.6 جي شدت جي زلزلي سان متاثر ٿيل ماڻهو 3 سال مڪمل ٿيڻ تي به شڪايتون کڻي اسلام آباد جي رستن تي احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن ۾ عورتون ۽ ننڍا ٻار به شامل آهن، انهن مان ايبٽ آباد ضلعي جي هڪ رهائشي شڪايت ڪئي ته گذريل ٽن سالن کان اسان جي علائقي ۾ مسئلا جيئن جو تيئن آهن، مهانگائي ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي، جيڪو ڪمرو اڳ ڏيڍ لک ۾ ٺهي پئي سگهيو، پر هاڻي اهو ٽن لکن ۾  ٺهڻ به ناممڪن آهي،سيمينٽ جي 2 سئو واري ٻوري هاڻي چار سئو  ۾ به نٿي ملي، ايرا جي پاليسين ۾ به روز تبديلي اچي ٿي، حڪومت اسان کي ڏيڍ لک رپيا ڏنا پر گهر 5 لکن ۾ به  ٺاهڻ مشڪل آهي، اسان جا ٻار زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، وزيراعظم جي ٻارن لاءِ هر سهولت آهي پر اسان جي ٻارن کي ڪي به سهولتون ناهن،  هن جو چوڻ هو ته ايرا جي پنهنجي انگن اکرن مطابق 5 هزار کان وڌيڪ تباهه ٿيل اسڪولن مان صرف 175 ٺهي سگهيا آهن ۽ صحت جي 300 کان  وڌيڪ مرڪزن مان 38 ٺهيا آهن، متاثرن جي شڪايتن جو  خاتمو مڪمل بحالي سان ڳنڍيل آهي پر موجوده حالتن ۾ نه حڪومت ۽ نه ئي امدادي ادارا اهو چئي سگهن ٿا ته ايندڙ  سال انهن جون شڪايتون ختم ڪيون وينديون.