قمبر (ن ڪ) |
|
ڀان سيد آباد لڳ دڪاندار کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، قتل ڪيس داخل ڀان سيد آباد (ن ڪ) ڀان سيد آباد لڳ انڊس هاءِ وي تي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿيل دڪاندار عبدالوحيد پنهور جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ بشير پنهور جي فرياد تي 3 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ڦر جو قلم نه لڳايو ويو آهي، هوڏانهن پوليس 2 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.
|