ڪنري (ن ڪ)

چڪ پوليس هٿان ڄنگهه ۽ ٻانهن کان معذور همراهه ڦر الزام ۾گرفتار

لکي غلام شاهه (نمائنده خصوصي) چڪ پوليس هٿان ڄنگهه ۽ ٻانهن کان معذور همراهه  سميت 2 ڄڻا ٽريڪٽر ڦر الزام هيٺ گرفتار، رپورٽ موجب چڪ پوليس ڳوٺ قاسم مهر مان ٻن ڄڻن گلزار شاهه ـ موسيٰ ماڇي کي  گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، گلزار شاهه جي وارثن هتي دانهون ڪيون آهن ته  پوليس هڪ ٻانهن ۽ ڄنگهه کان معذور کي گرفتار ڪري سخت تشدد ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻئي پورهيت  موسيٰ ماڇي کي پڻ مارڪٽ  ڪئي وئي آهي، ٽريڪٽر مالڪ نظير احمد مهر پاران ٻنهي ڄڻن مٿان بيهڻ کان انڪار ڪرڻ جي باوجود پوليس معذور ۽ ٻئي نوجوان مٿان تشدد پئي ڪري، وارثن ڪرم شاهه  ۽ ٻين دانهون ڪيون ته گلزار شاهه سڄو ڏينهن گداگري ڪري گهر  هلائي ٿو، پوليس بنا جواز  کين گرفتار ڪري ڦر جي ڪيس ۾ ڦاسائي رهي آهي، انصاف ڏياريو وڃي.