رپورٽ:
الطاف
لاڙڪ |
|
”5 نه پر 10 لک ٽن چانور خريد ڪريو“:رائيس ملرز پاران احتجاج سکر: پاسڪو پاران سڏايل اجلاس ۾ شريڪ رائيس ملن جي مالڪن رڳو 5 لک ٽن چانور خريد ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو، هنن گهر ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ 10 لک ٽن چانور خريد ڪيا وڃن، انهي سان گڏ ان ڳالهه جي گارنٽي ڏني وڃي ته پرڏيهه ايڪسپورٽ ٿيندڙ چانورن ۾ سنڌ جي چانورن کي پڻ شامل ڪيو ويندو، هنن چانورن جي اگهه کي گريڊ وائيز بنياد تي ورهائڻ جي پڻ مخالفت ڪندي زور ڀريو ته ايري چانورن جو اگهه 1300 رپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي، ان موقعي تي سنڌ بلوچستان رائيس ملرز ايسوسيئيشن جي صدر عارف حسين مهيسر، حاجي منير احمد، بشير احمد شيخ ۽ ٻين چيو ته پاسڪو پنجاب ۾ مل مالڪن کان اسٽاڪ ۾ پيل پراڻا چانور خريد ڪيا پر سنڌ ۾ پيل پراڻا چانور خريد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ هڪ مهينو اڳ ۾ چانور خريد ڪرڻ شروع ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ ۾ اڃا خريداري شروع نه ڪئي وئي آهي، اهي ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته پنجاب جي مل مالڪن سان پاسڪو وارن جو رويو بهتر آهي.
|