چمن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) |
|
عمرڪوٽ تعلقي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آفيسرن جي غير حاضري تي ميمبرن جو احتجاج عمرڪوٽ (ن ڪ) تعلقي ڪائونسل عمرڪوٽ جو اجلاس ڪالهه ڪنوينر حافظ مير محمد نهڙي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ مختلف ميمبرن ڪائونسل جي اجلاس ۾ آفيسرن جي غير حاضري تي احتجاج ڪندي چيو ته آفيسرن جي نه اچڻ ڪري کين پنهنجي رٿن ۽ ٻين مسئلن جا جواب نٿا ملن، هنن گهر ڪئي ته آفيسرن کي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پابند بڻايو وڃي، ڪنوينر ان سلسلي ۾ رولنگ ڏيندي چيو ته آفيسرن جو ڪائونسل ڏانهن رويو بهتر نه آهي، آفيسر ڪائونسل کي اورانگهيندي سڀ ڪجهه پاڻ ڪن ٿا، جيڪا ايوان جي توهين آهي، اجلاس ۾ ملازمن جي ترقين، ماهوار آمدني ۽ خرچن جا تفصيل پيش ڪرڻ سميت مختلف ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. |