رپورٽ:عبدالرحمان
رند |
|
لاڙڪاڻي ڊويزن جي قيدين کي گهربل سهولتون ڏيڻ،جيلن جا انتظام سڌارڻ ۽ شنوائين تي آڻڻ جو حڪم لاڙڪاڻو (رپورٽ: معشوق اوڍاڻو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي جيلز کاتي جي عملدارن کي جيلن جي حالت سڌارڻ جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي اهم اشوز تي حڪم جاري ڪيا آهن، جن ۾ جيڪب آباد جيل جي قيدين کي مٺو پاڻي پهچائڻ، لاڙڪاڻو جيل ۾ قيد ٻالڪ قيدين کي ليڊيز جيل جي خالي بيرڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ، اڳوڻي حڪومتي دور ۾ قائم ڪيل نون ضلعن ۾ نوان جيل ٺاهڻ، سئو سيڪڙو قيدين کي شنوائين تي وٺي وڃڻ، هيپاٽائيٽس بي، سي ۽ ايڊز جهڙي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا قيدين جي بلڊ ٽيسٽ ڪري علاج ڪرائڻ، لاڙڪاڻو جيل جي اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ توڙي سزا يافته پراڻن قيدين کي پيرول تي آزاد ڪرڻ وارا معاملا شامل آهن، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ مسٽر جسٽس ظفر احمد شيرواني جي صدارت هيٺ جيل پوليس توڙي اسپتال جي انتظاميا سان گڏ لاڳاپيل ادارن جي عملدارن جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي جيلز سنڌ محمد يامين خان، ڊي آءِ جي جيلز نواز حسين، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڪمانڊر شوڪت شاهه، ڊي پي او لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، چانڊڪا سول اسپتال جي ايم ايس ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ٻين جيلن جي صورتحال بابت ڳالهائيندي جسٽس ظفر احمد شيرواني آءِ جي جيلز سنڌ کي حڪم ڏنو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل اندر قيد ٻالڪ قيدين کي لاڙڪاڻو ليڊيز جيل جي خالي پيل بيرڪن جي مرمت ڪري منتقل ڪيو وڃي، سينٽرل جيل لاڙڪاڻو ۾ قيدي گنجائش کان وڌيڪ رکيل آهن، جتي صفائي جو انتظام ناهي، ٽوائلٽ گهرج مطابق ناهن، قيدي اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ جون دانهون پيا ڪن، ان ڪري لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي اسپتال کي اپ گريڊ ڪري خالي پيل جاين تي ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن، سمورن قيدين جي هيپاٽائٽيس بي، سي ۽ ايڊز جي بيماريءَ بابت بلڊ اسڪريننگ ڪرائي سندن علاج ڪرايو وڃي، جڏهن ته شڪارپور جيل اندر گندي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪرڻ ۽ صفائي جو انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ سان گڏ جيل انتظاميا کي جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدين کي پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. اهڙي طرح قائم ٿيل نون ضلعن قمبرشهدادڪوٽ ۽ ڪشمورڪنڌڪوٽ ۾ نوان جيل ٺهرائڻ لاءِ چيو ويو. جسٽس شيرواني ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو توڙي ڊي پي او کي حڪم ڏنو ته سمورن قيدين کي سئو سيڪڙو شنوائين تي وٺي وڃڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، نفري جي کوٽ پوري ڪري ڪو به سبب نه ڄاڻايو وڃي، جسٽس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پيرول کي پڻ هدايت ڪئي ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل سميت سزا يافتا پراڻن قيدين کي پيرول تي آزاد ڪرڻ لاءِ پڻ ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏني وڃي. اجلاس ۾ قيدين جي ٻين مسئلن توڙي جيلن ۾ بد نظمي بابت پڻ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي جيلن اندر انتظام سڌارين، اجلاس کان پوءِ آءِ جي جيلز محمد يامين خان سينٽرل جيل لاڙڪاڻو جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته قيدين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون، فنڊن جي کوٽ آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو ويندو. هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته قيدين کي شنوائين تي وقت سر نه وٺي وڃڻ سبب قيدي احتجاج ڪن ٿا، پر قيدين کي عدالتن ۾ وٺي وڃڻ ۽ واپس آڻڻ جي ذميواري سنڌ پوليس جي آهي، ان ڪري لاڳاپيل ضلعن جي پوليس کي بندوبست ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته جيلن ۾ قيدين کي تشدد جو نشانو نه پيو بڻايووڃي پر کين وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن. ايندڙ وقت ۾ جيل مينيوئل جي قانون ۾ ٿيندڙ تبديلن تي مڪمل عمل ڪرايو ويندو، هن چيو ته جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي آهن، جنهن ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا.
|