دادو(ن ڪ)

قلندر شهباز جو ميلو:ڄامشوري ضلعي ۾ 23 آگسٽ تي موڪل جو اعلان،قلم 144 لاڳو

ڄامشورو(پڌرائي) ضلعي ناظم ڄامشورو ملڪ اسد سڪندر حضرت قلندر لعل شهباز جي 756 هين عرس مبارڪ(ميلي) جي موقعي تي 23 آگسٽ ڇنڇر تي ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، هن قلم 144 لاڳو ڪري ضلعي جي حدن ۾ واقع انڊس هاءِ وي تي وڌيڪ سامان سان ڀريل گاڏين جي آمدرفت ۽ ميلي جي دوران امن و امان برقرار رکڻ لاءِ اسلحو کڻي هلڻ ۽ سيوهڻ ۾ موجود نهرن ۾ وهنجڻ تي 18 آگسٽ کان 7 ڏينهن تائين پابندي عائد ڪري ڇڏي آهي.