پنگريو ۽ گولاڙچي ۾ پاسڪو سينٽر نه کلڻ سبب آبادگار پريشان

کورواهه/پنگريو (نمائندن وٽان) پنگريو ۽ گولاڙچي ۾ پاسڪو جا سينٽر قائم نه ٿي سگهيا آهن، مٿان وري واپارين پاران سارين جو في مڻ اگهه 520 رپيا مقرر ڪرڻ سبب آبادگار سخت پريشاني ۾ ورتل آهن، ان سلسلي ۾ آبادگارن گلڻ شاهه، محمد يار، عبدالعظيم ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته سارين جو اگهه 700 رپيا في مڻ نه ملڻ سبب نقصان ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاسڪو سينٽر قائم ڪري نقصان کان بچايو وڃي.