|
گجو:چورايل سرڪاري لوهه سان ڀريل ٽرڪ هٿيڪي :اي ايس آءِ سوڌو 3 سوگها گجو (ن ڪ) سي آءِ اي پوليس گجي لڳ ڳوٺ نور محمد ٿهيم ويجهو ڇاپو هڻي پراڻي ڪي ڊي اي نالي جي پل جا لوهي گيٽ ۽ نالي مان ڪڍيل لوهه سان ڀريل شهزور ٽرڪ هٿ ڪري گهارو ٿاڻي جي اي ايس آءِ علي محمد ڪوريجو، فلڪ شير پنجابي ۽ ڊرائيور بهادر کي گرفتار ڪري مٿن گهاري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو آهي.
|