مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ وڌيڪ 4 اسسٽنٽ پروفيسر مقرر،4 شعبا بدستور خالي

سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ واقع غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج کي پي ايم ڊي سي پاران الحاق ڏيڻ لاءِ ايندڙ ٽيم جي اچڻ کان 9 ڏينهن اڳ ۾ وڌيڪ 3 ڊاڪٽرياڻين ڊاڪٽر انيتا ڪماري، ڊاڪٽر ڪلثوم، ڊاڪٽر دربخت ۽ هڪ ڊاڪٽر غلام شبير شيخ کي اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي  تصديق ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر اسد الله مهر پاران ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ڪاليج جي سرجري،گائيني، اي اين ٽي ۽ پيڊز وارن شعبن ۾ اڃا تائين پروفيسر مقرر نه ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي ڪاليج جي پرنسپال ٻڌايو ته واقعي انهن شعبن جا پروفيسر موجود ناهن پر صحت واري صوبائي سيڪريٽري پاران اسان کي يقين ڏياريو ويو آهي ته ايندڙ اربع تائين انهن چئن شعبن جا پروفيسر مهر ميڊيڪل ڪاليج ڏانهن بدلي ڪيا ويندا، هن چيو ته صحت وارو صوبائي وزير اڄ سکر پهچي رهيو آهي تنهن سان پڻ ان معاملي بابت ڳالهه ڪئي ويندي، هوڏانهن ڪالهه ڪاليج ۾پڙهائيندڙ اسسٽنٽ پروفيسرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي وڏي وزير کان گهر ڪئي وئي ته کين ريگيولر ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.